بغداد-17 مارچ (اي پي پي) عراق جي گادي واري شهر بغداد جي گرين زون ۾ واقع آمريڪي سفارتخاني تي حملو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عراق جي سيڪيورٽي اهلڪار جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته آمريڪي سفارتخاني تي صبح جو ٽي ڊرون ۽ چار راڪٽ فائر ويا جن مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ سفارخاني اندر وڃي ڪريو. هڪ اتي موجود شاهد ٻڌايو ته هن گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڊرون …
بغداد ۾ آمريڪي سفارتخاني تي ڊرون ۽ راڪيٽن سان حملو، هڪ ڊرون احاطي ۾ ڪريو

مزید خبریں
بغداد-17 مارچ (اي پي پي) عراق جي گادي واري شهر بغداد جي گرين زون ۾ واقع آمريڪي سفارتخاني تي حملو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عراق جي سيڪيورٽي اهلڪار جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته آمريڪي سفارتخاني تي صبح جو ٽي ڊرون ۽ چار راڪٽ فائر ويا جن مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ سفارخاني اندر وڃي ڪريو. هڪ اتي موجود شاهد ٻڌايو ته هن گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڊرون آمريڪي سفارتخاني طرف ويندي ڏٺا، ٻه ڪيرايا ويا جڏهن ته ٽيون سفارتخاني جي احاطي سان ٽڪرائجي ويو. سيڪيورٽي ذريعن مطابق اها حملن جي شروعات کان هيستائين جو سڀ کان شديد حملو هو. ان کان اڳ سومر ڏينهن به بغداد جي سخت سيڪيورٽي واري گرين زون ۾ ڊرون حملي بعد هتي واقع هڪ لگزري هوٽل ۾ باهه لڳي وئي هئي. هي اهو علائقو آهي جتي سرڪاري عمارتون ۽ پرڏيهي سفارتخانا آهن.











