ريسڪيو 1122 جا ملازم سول نه پر پبلڪ سرونٽس آهن، انهن جا معاملا پنجاب سروس ٽربيونل جي دائره اختيار ۾ نٿا اچن: سپريم ڪورٽ

اسلام اباد- 16 مارچ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته پنجاب ايمرجنسي سروس (ريسڪيو 1122) جا ملازم سول سرونٽس ناهن پر اهي پبلڪ سرونٽس آهن، انهن جي سروس جا معاملا پنجاب سروس ٽريبونل جي دائره اختيار ۾ نٿا اچن . رپورٽنگ لاءِ منظو ٿيل لکت واري تفصيلي فيصلي موجب عدالت پنجاب حڪومت جي اپيل منظور ڪندي پنجاب سروس ٽربيونل جو حڪم نامو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ …

اسلام اباد- 16 مارچ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته پنجاب ايمرجنسي سروس (ريسڪيو 1122) جا ملازم سول سرونٽس ناهن پر اهي پبلڪ سرونٽس آهن، انهن جي سروس جا معاملا پنجاب سروس ٽريبونل جي دائره اختيار ۾ نٿا اچن . رپورٽنگ لاءِ منظو ٿيل لکت واري تفصيلي فيصلي موجب عدالت پنجاب حڪومت جي اپيل منظور ڪندي پنجاب سروس ٽربيونل جو حڪم نامو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ پاران جسٽس عائشه ملڪ لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو ته ڪنهن به اداري جو سرڪاري کاتو بڻجي وڃڻ ان جي ملازمن کي پاڻ سول سرونٽ نٿو بڻائي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب ايمرجنسي سروس ريسڪيو 1122 جا ملازم هڪ الڳ قانوني فريم ورڪ تحت ڪم ڪن ٿا. انهن جي سروس شرط پنجاب ايمرجنسي سروس رولز 2007 ع موجب ريگيوليٽ آهي. عدالت واضح ڪيو ته 2021ع جي ترميم کان پوءِ به پنجاب ايمرجنسي سروس هڪ آزاد قانوني ڍانچي تحت ڪم ڪري رهيو آهي. عدالت موجب ريسڪيو 1122 جي ملازمن جي حيثيت پبلڪ سرونٽس جي آهي. اهي سول سرونٽس ناهن ان ڪري انهن جي سروس جا معاملا پنجاب سروس ٽربيونل جي دائره اختيار ۾ نٿا اچن. ڪيس موجب ريسڪيو 1122 جي ڊرائيور محمد خليل پنهنجي خلاف ٿيل ڪارروائي کي پنجاب سروس ٽربيونل ۾ چئلينج ڪيو هيو. پنجاب سروس ٽربيونل معاملي تي ٻيهر باقاعده انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هيو. پنجاب حڪومت پنجاب سروس ٽربيونل جي ان حڪم کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندي موقف اختيار ڪيو هو ته ريسڪيو 1122 جا ملازم مخصوص قانوني ڍانچي تحت پبلڪ سرونٽس آهن ۽ انهن جي سروس جا معاملا ٻڌڻ جو اختيار پنجاب سروس ٽربيونل کي حاصل ناهن. سپريم ڪورٽ پنجاب ڪومت جي موقف سان اتفاق ڪندي سروس ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ حڪومت جي اپيل منظور ڪري ورتي.