پاڪستان اسان جي وڏڙن جي رت، قربانين ۽ اڻ ٽٽ عزم جي امانت آھي، انساني حقن جي علمبردارن، سماجي اڳواڻن جي پاڪستان جي ڏھاڙي جي موقعي تي پيغام

اسلام آباد- 16 مارچ (اي پي پي) ملڪ جي انساني حقن بابت مشھور علمبردارن، سماجي اڳواڻن چيو آھي ته 23 مارچ اھو تاريخي ڏينھن آھي، جڏھن ھڪ قوم پنھنجي تشخص، وقار ۽ آزاد وطن جي خواب کي عملي شڪل ڏيڻ جو عھد ڪيو، اسان ھڪ حقيقت پسند قوم آھيون، جيڪي سچ کي سچ ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ چوڻ جو حوصلو رکون ٿا. پاڪستان جي ڏھاڙي جي موقعي تي ملڪ جي …

اسلام آباد- 16 مارچ (اي پي پي) ملڪ جي انساني حقن بابت مشھور علمبردارن، سماجي اڳواڻن چيو آھي ته 23 مارچ اھو تاريخي ڏينھن آھي، جڏھن ھڪ قوم پنھنجي تشخص، وقار ۽ آزاد وطن جي خواب کي عملي شڪل ڏيڻ جو عھد ڪيو، اسان ھڪ حقيقت پسند قوم آھيون، جيڪي سچ کي سچ ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ چوڻ جو حوصلو رکون ٿا. پاڪستان جي ڏھاڙي جي موقعي تي ملڪ جي نمايا انساني حقن جي علمبردارن ۽ سماجي اڳواڻن قوم جي نالي پنھنجا خصوصي پيغام ڏنا آھن. ڇيپا ويلفيئر جي محمد رمضان ڇيپا پنھنجي پيغام ۾ چيو ته مايوسين جي انڌيرن ۾ اسان روشنين جا چراغ روشن ڪندا آھيون. اخوت فائونڊيشن جي ڊاڪٽر امجد ثاقب چيو ته پاڪستان ھڪ روشن مستقبل وارو ملڪ آھي، جي ڊي سي ويلفيئر جي سيد ظفر عباس چيو ته ھو جيڪو چپن تي اچي نٿو سگھي، بنا ڪجھه ٻڌي اسان ان سور کي سڃاڻي وٺندا آھيون، ڪشمير جي اسٽوڊنٽس فائونڊيشن جي چيئرمين انس احمد چيو ته اسان مشڪلاتن جي پرواه بنا پنھنجي حصي جون ذميواريون نڀائيندا آھيون، عوام دوست ويلفيئر فائونڊيشن جي حافظ محمد عرفان قربان چيو ته اچو ته گڏجي دنيا کي ٻڌايون ته اسان ھڪ زنده قوم آھيون، اسان يقين رکيون ٿا ته پاڪستان جي اصل طاقت هتان جا ماڻھو آھن ۽ جڏھن ماڻھو جڙن ٿا ته پاڪستان مضبوط ٿيندو آھي، 23 مارچ ان عھد جي تجديد آھي ته پاڪستان اسان جي وڏڙن جي رت، قربانين ۽ اڻ ٽٽ عزم جي امانت آھي. 

مزید خبریں