بلغراد- 16 مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آبنائي هرمز جي بندش سبب پيدا ٿيل بحران کي حل ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن کان حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ هن چيو ته آمريڪي اتحادي آبنائي هرمز جي بحران ۾ اسان جي مدد ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا ته نيٽو کي تمام گهڻي خراب مستقبل کي منهن ڏيڻو پوندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن ان سلسلي ۾ چين …
اتحادي مدد نه پيا ڪن، نيٽو کي خراب مستقبل کي منهن ڏيڻو پوندو، جنگ سبب چين جو رٿيل دورو ملتوي ٿي سگهي ٿو، ڪيوبا خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي: آمريڪي صدر

مزید خبریں
بلغراد- 16 مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آبنائي هرمز جي بندش سبب پيدا ٿيل بحران کي حل ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن کان حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ هن چيو ته آمريڪي اتحادي آبنائي هرمز جي بحران ۾ اسان جي مدد ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا ته نيٽو کي تمام گهڻي خراب مستقبل کي منهن ڏيڻو پوندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن ان سلسلي ۾ چين تي زور ڀريو ته هو آبنائي هرمز ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري . هن چيو ته هو هن مهيني جي آخر ۾ چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات کان اڳ چين جو موقف معلوم ڪرڻ پسند ڪندو. آمريڪي صدر چيو ته آبنائي هرمز کي محفوظ بڻائڻ ۾ مدد لاءِ رابطن بعد آمريڪا کي ڪجهه هاڪاري جواب مليو آهي پر ڪجهه ملڪن چيو آهي ته ان ۾ هو شامل نه ٿيندا پر آمريڪي صدر انهن ملڪن جو نالو ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جن سان سندس انتظاميه ان حوالي سان رابطو ڪيو هو. آمريڪي صدر خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اسان جا اتحادي آبنائي هرمز جي بحران ۾ اسان جي مدد ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا ته نيٽو کي تمام وڏي خراب مستقبل کي منهن ڏيڻو پوندو. مناسب اهو ئي آهي ته اهي ماڻهو جيڪي آبنائي هرمز مان فائدو کڻي رهيا آهن ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ڪن ته اتي ڪجهه خراب نه ٿئي. هن چيو ته جيڪڏهن سندس ڳالهه جو ڪو جواب نٿو اچي يا جيڪڏهن اهو منفي رد عمل آهي ته منهنجي خيال ۾ اهو نيٽو جي مستقبل لاءِ گهڻو خراب ٿيندو. آمريڪي صدر چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران سان جنگ ۾ منهنجي خيال ۾ اسان جا هڪجڙا مقصد آهن پر ٿورا مختلف به ٿي سگهن ٿا. هن ٻنهي ملڪن جي فوج وچ ۾ ويجهن رابطن تي به زور ڀريو. جاپان جي وزيراعظم سنائي تاڪائچي پارليامينٽ جي خطاب ۾ چيو ته جاپان في الحال آبنائي هرمز ۾ سامونڊي جهاز اماڻڻ ڪو فيصلو ناهي ڪيو . اسان في الحال ان ڳالهه جو جائزو وٺي رهيا آهيون ته جاپان پنهنجي قانوني فريم ورڪ اندر آزاداڻي طور تي ڇا ڪري سگهي ٿو .آسٽريلوي ٽرانسپورٽ واري وزير ڪيٿيرين ڪنگ چيو ته آسٽرليا پنهنجا بحري جهاز آبنائي هرمز نه موڪليندو. ڏکڻ ڪوريا جي اختيارين جو چوڻ آهي ته هو آمريڪي صد جي درخواست جو غور سان جائزو وٺندا . برطانيه جي توانائي واري وزير ايڊملي بينڊ چيو ته برطانيه آبنائي هرمز کي محفوظ بڻائڻ ۾ مدد لاءِ ڪنهن آپشن جي ڳولا ڪري رهيو آهي . هن چيو ته مختلف طريقا آهن جن سان اسان پنهنجو حصو وجهي سگهون ٿا ۽ اهو ته انهن اختيارن تي اتحادين سان ڳالهيون ڪيون پيون وڃن . آمريڪا ۾ چين جي سفارتخاني جي ترجمان اهو ناهي ٻڌايو ته سندس ملڪ خطي ۾ سامونڊي اثاثن جي مقري جو منصوبو ٺاهي رهيو آهي يا نه پر هن جنگ کي فوري طور تي روڪڻ جي مطالبي جو ورجاءِ ڪندي چيو ته سمورين ڌرين جي ذميواري آهي ته هو مستحڪم ۽ بنا رڪاوٽ توانائي جي فراهمي کي يقيني بڻائين. جڏهن ته پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر برطانوي اخبار فنانشل ٽائيمز کي انٽرويو ۾ چيو آهي ته اسان چين جي دوري کي ملتوي ڪري سگهون ٿا پر هن اهو نه ٻڌايو ته دورو ڪيتري عرصي لاءِ ملتوي ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا ان کان اڳ وائيٽ هائوس جي عهديدار جي حوالي سان رپورٽ ڪيو هو ته آمريڪي صدر کي 31 مارچ کان 2 اپريل وچ ۾ چين جو دورو ڪرڻو آهي. آمريڪي صدر چين تي زور ڀريو آهي ته هو آبنائي هرمز کي تيل بردار جهازن جي آمد و رفت لاءِ ٻيهر کولڻ جي آمريڪي ڪوششن ۾ شامل ٿئي. هن چيو ته منهنجو خيال آهي ته چين کي به مدد ڪرڻ گهرجي ڇو ته چين کي 90 سيڪڙو تيل جي فراهمي ان رستي کان ٿئي ٿي. هن چيو ته ان معاملي ۾ سربراهي اجلاس تائين انتظار ڪرڻ ۾ تمام گهڻي دير ٿي ويندي. جڏهن ته ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته ڪيوبا به هڪ معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ مونکي لڳي ٿو ته اسان جلد ڪو معاهدو ڪنداسين يا اسان کي جيڪو ڪرڻو آهي اهو ڪنداسين. اسان پهرين ايران جي معاملي کي منهن ڏئي رهيا آهيون. آمريڪي صدر چيو ته ڪيوبا کي دوستاڻي قبضي جو نشانو بڻائي سگهجي ٿو بعد ۾ چيائين ته اهو دوستاڻو قبضو نٿو ٿي سگهي. نئين سري سان رابطي باوجود ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم اختلاف برقرار آهن. آمريڪي صدر مشورو ڏنو ته ڪنهن به قسم جي نرمي جو دارو مدار سياسي ۽ اقتصادي مراعاتن تي هوندو جڏهن ته ڪيوبا جو چوڻ آهي ته سندن آزادي جو احترام ڪرڻ گهرجي.











