آمريڪا کي ايران خلاف جنگ جي غلطي جي احساس تائين ويڙهه جاري رهندي: پرڏيهي وزير عباس عراقچي

تهران- 16 مارچ (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران ان وقت تائين ويڙهه جاري رکندو جيستائين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي اهو احسان نه ٿئي ته ايران خلاف آمريڪا جي جنگ غلط آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان جي طاقتور هٿياربند فوج ان وقت تائين حملا جاري رکندي جيستائين آمريڪي صدر کي …

تهران- 16 مارچ (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران ان وقت تائين ويڙهه جاري رکندو جيستائين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي اهو احسان نه ٿئي ته ايران خلاف آمريڪا جي جنگ غلط آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان جي طاقتور هٿياربند فوج ان وقت تائين حملا جاري رکندي جيستائين آمريڪي صدر کي اهو احسان نٿو ٿئي ته هن غيرقانوني جنگ جيڪا آمريڪين ۽ ايرانين ٻنهي تي مڙهي آهي اها غلط آهي ۽ اها ٻيهر ڪڏهن به ورجائڻ نه گهرجي. هن چيو ته ان جنگ جي متاثرن کي معاوضو به ملڻ گهرجي. ان کان اڳ آمريڪي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ ايران جي پرڏيهي وزير چيو ته ايران وٽ آمريڪا سان ڳالهين جو ڪو جواز موجود ناهي ۽ نه ئي هو آمريڪا سان ڳالهين جا خواهشمند آهن.