لنڊن ۾ القدس مارچ تي پابندين باوجود سوين ماڻهن جي شرڪت، ڪيترائي گرفتار

لنڊن- 16 مارچ (اي پي پي) برطانيا جي گادي واري شهر لنڊن ۾ يوم القدس جي موقعي تي فلسطين جي حمايت ۾ ٿيل مارچ تي حڪومت پاران پابندين باوجود سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب برطانيا جي گهرو وزير شبانه محمود چيو ته اهڙن مظاهرن تي وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار کي نظر ۾ رکندي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي. لنڊن ميٽروپوليٽن پوليس موجب سال 2012ع کانپوءِ اهو پهريون موقعو …

لنڊن- 16 مارچ (اي پي پي) برطانيا جي گادي واري شهر لنڊن ۾ يوم القدس جي موقعي تي فلسطين جي حمايت ۾ ٿيل مارچ تي حڪومت پاران پابندين باوجود سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب برطانيا جي گهرو وزير شبانه محمود چيو ته اهڙن مظاهرن تي وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار کي نظر ۾ رکندي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي. لنڊن ميٽروپوليٽن پوليس موجب سال 2012ع کانپوءِ اهو پهريون موقعو آهي ته گادي واري هنڌ احتجاجي مارچ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. پوليس يوم القدس جي سالياني تقريب ۽ اسرائيل جي حمايت ۾ گڏ ٿيل مظاهرو ڪندڙن کي پارليمينٽ کان پري ٽيمز درياهه جي مخالف ڪنارن تي گڏ ٿيڻ جي اجازت ڏني هئي پر انهن کي مارچ جي اجازت نه ڏني وئي هئي. فلسطين جي حامي مظاهرو ڪندڙن کي ٽيمز درياهه جي ڏکڻ طرف گڏ ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي هئي. ان هن هٿن ۾ جهنڊا کنيل هئا جن تي فلسطين جا جهنڊا ۽ غزه ۾ اسرائيل جو جنگي ڏوهه بند ڪيو وڃي جهڙا نعرا لکيل هيا. لنڊن جي ڏکڻ لنڊن جي پورلي سان تعلق رکندڙ 81 ورهين جي پينشنر جين ايپس چيو ته مان شدت سان محسوس ڪيان ٿي ته فلسطينين سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو انتهائي ناانصافي وارو آهي . هن چيو ته هاڻي هو ايران تي اسرائيل ۽ آمريڪا جي غير قانوني حملن سبب ان احتجاج ۾ شريڪ آهي. هن چيو ته ايراني عوام کي پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻ لاءِ ڇڏڻ گهرجي. درياهه جي ٻئي طرف گڏ ٿيل مظاهرو ڪندڙن آمريڪي ۽ اسرائيلي جهنڊا ڦڙڪايا ۽ جلاوطن ايراني اڳواڻ رضا پهلوي جي حمايت ۾ به نعرا هنيا. برطانوي اين جي او اسلامڪ هيومن رائيٽس ڪميشن ( آئي ايڇ آر سي) جي سالياني القدس مارچ جو اهتمام ڪيو. ان تقريب تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي فيصلي جي شديد مذمت ڪئي وئي. اسلامڪ هيومن رائيٽس ڪميشن پاران چيو ويو آهي ته لنڊن پوليس ڪهڙي ثبوت جي آءِ ايڇ آر سي بابت اسرائيلي موقف اختيار ڪيو آهي ۽ اهو مارچ فلسطينين ۽ سموري دنيا جي مظلومن جي حمايت ۾ هڪ عالمي مظاهرو هيو. واضح رهي ته يوم القدس هر سال مختلف ملڪن ۾ ملهايو ويندو آهي ان جو مقصد بيت المقدس ۾ اسرائيل جي قبضي خلاف احتاج ڪرڻ آهي.