صدر آصف علي زرداري پاران لڪي مروت ۾ فتنه الخوارج جي 5 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين

اسلام آباد -15 مارچ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري لڪي مروت ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران فتنه الخوارج جي 5 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر چيو ته فتنه الخوارج جا دهشتگرد ڀارت جي پٺڀرائي ۾ پاڪستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي مڪروه ڪوشش ۾ مصروف آهن، جڏهن ته پوري …

اسلام آباد -15 مارچ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري لڪي مروت ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران فتنه الخوارج جي 5 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر چيو ته فتنه الخوارج جا دهشتگرد ڀارت جي پٺڀرائي ۾ پاڪستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي مڪروه ڪوشش ۾ مصروف آهن، جڏهن ته پوري قوم پرڏيهي پٺڀرائي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.

مزید خبریں