لاهور-15 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لڪي مروت ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي 5 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عزم استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي. پوري قوم دهشتگردي خلاف هن …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران لڪي مروت ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
لاهور-15 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لڪي مروت ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي 5 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عزم استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي. پوري قوم دهشتگردي خلاف هن جنگ ۾ پاڪ فوج سان گڏ آهي. وزيراعظم ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.












