اسلام آباد-15 مارچ (اي پي پي) افغان طالبان حڪومت سرحد پار کان توبخانن ۽ مارٽر فائرنگ ذريعي ضلعي باجوڙ (خيبرپختونخوا) جي علائقي سالارزئي، تبسته ليٽئي ۾ اڄ 15 مارچ 2026ع کي اٽڪل ساڍا 3 وڳي شهري آبادي کي دانسته طور تي نشانو بڻايو، حملي ۾ 4 معصوم شهري شهيد جڏهن ته پنجن سال جو ٻار شديد زخمي ٿيو جڏهن ته هڪ گهر مارٽر گولي جي زد ۾ اچي ويو آهي. …
افغان طالبان باجوڙ ۾ شهري آبادي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو، 4 معصوم شهري شهيد ۽ 5 سالن جو ٻارڙو شديد زخمي ٿيو: عطاءُ الله تارڙ
اسلام آباد-15 مارچ (اي پي پي) افغان طالبان حڪومت سرحد پار کان توبخانن ۽ مارٽر فائرنگ ذريعي ضلعي باجوڙ (خيبرپختونخوا) جي علائقي سالارزئي، تبسته ليٽئي ۾ اڄ 15 مارچ 2026ع کي اٽڪل ساڍا 3 وڳي شهري آبادي کي دانسته طور تي نشانو بڻايو، حملي ۾ 4 معصوم شهري شهيد جڏهن ته پنجن سال جو ٻار شديد زخمي ٿيو جڏهن ته هڪ گهر مارٽر گولي جي زد ۾ اچي ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءَ الله تارڙ گذريل ڏينهن ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته شهيد ٿيل چئن ماڻهن ساجد، اياز، رياض ۽ معاذ پاڻ ۾ سڳا ڀاءُ هئا. مقامي ماڻهن ۽ شهري افغان طالبان حڪومت جي ان دهشتگرداڻي قدمن جي شديد مذمت ۽ ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. افغان طالبان حڪومت جي طرفان معصوم شهرين کي ڄاڻ واڻي نشانو بڻائڻ ۽ فتنه الخوارج جهڙي دهشتگرد تنظيمن سان گڏجي ڪارروايون ڪرڻ نه رڳو عالمي قانونن ۽ بنيادي انساني قدرن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي پر هي ان ڳالهه جو ثبوت به آهي ته پاڪستان جي هٿياربند طرفان آپريشن غضب للحق تحت دهشتگردن ۽ سندن مددگار ڍانچن خلاف موثر ڪاررواين سبب هو شديد دٻاءُ ۽ مايوسي جو شڪار آهن.ان بزدلاڻي ۽ مڪروه حملي جي ذميواراڻي افغان طالبان جي چوڪيون ۽ انفراسٽرڪچر کي مناسب ۽ ڀرپور جواب ڏنو پيو وڃي.












