اسلام آباد- 15 مارچ (اي پي پي) ايسوسيئيٽڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو اڳوڻو ڊائريڪٽر جنرل ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو سينئر بيوروڪريٽ مفتي جميل الدين احمد ڊگهي علالت کانپوءِ آچر تي اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس عمر 84 سال هئي. پنهنجي شاندار ڪيريئر دوران، انهن جرمني ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ پريس قونصلر ۽ نئين دهلي، ڀارت ۾ پاڪستان هاءِ ڪميشن ۾ پريس منسٽر …
اي پي پي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر جنرل مفتي جميل الدين احمد ڊگهي علالت کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو
اسلام آباد- 15 مارچ (اي پي پي) ايسوسيئيٽڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو اڳوڻو ڊائريڪٽر جنرل ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو سينئر بيوروڪريٽ مفتي جميل الدين احمد ڊگهي علالت کانپوءِ آچر تي اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس عمر 84 سال هئي. پنهنجي شاندار ڪيريئر دوران، انهن جرمني ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ پريس قونصلر ۽ نئين دهلي، ڀارت ۾ پاڪستان هاءِ ڪميشن ۾ پريس منسٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. کيس 2002ع ۾ ايسوسيئيٽڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. سرڪاري ملازمت مان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ، هُو درس ۽ تدريس جي شعبي سان لاڳاپجي ويو ۽ نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويجز (نمل)، اسلام آباد ۾ ماس ڪميونيڪيشن شعبي ۾ پروفيسر ۽ سربراهه طور خدمتون سرانجام ڏنيون. هُو ناليوارين انگريزي اخبارن دي نيوز ۽ ڊان اسلام آباد لاءِ پڻ لکيو. مرحوم پونئيرن ۾ ٽي پٽ ۽ ٻه ڌيئرون سوڳوار ڇڏيُون آهن. سندس جنازي نماز اڱارو 17 مارچ تي سندس وڏي پٽ جي ڪينيڊا مان آمد کانپوءِ صبح يارنهن وڳي اسلام آباد جي ايڇ-ايٽ قبرستان ۾ ادا ڪئي ويندي.












