اسلام آباد-15 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دنيا وچ ۾ مذهبي رواداري ۽ مسلمانن جي تحفظ واري احساس لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مهذب معاشرا عقيدن جي بنيادن تي انساني حقن ۾ فرق نٿا ڪن پر گڏيل احترام ۽ ايثار تي قائم هوندا آهن. اسلامو فوبيا جي ازالي واري عالمي ڏينهن جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته …
مهذب معاشرا عقيدن جي بنيادن تي انساني حقن ۾ فرق نٿا ڪن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد-15 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دنيا وچ ۾ مذهبي رواداري ۽ مسلمانن جي تحفظ واري احساس لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مهذب معاشرا عقيدن جي بنيادن تي انساني حقن ۾ فرق نٿا ڪن پر گڏيل احترام ۽ ايثار تي قائم هوندا آهن. اسلامو فوبيا جي ازالي واري عالمي ڏينهن جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اسلامو فوبيا جي ازالي جو عالمي ڏينهن، دين اسلام ۽ مسلمانن خلاف تعصب جي مذمب ۾ عالمي آواز آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اسلامو فوبيا جي ازالي تي قرارداد سڄي دنيا ۾ مسلمانن خلاف اڻبرابري ۽ نفرت انگيز سلوڪ جي عالمي سطح تي حوصلا شڪني ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته معاشرتي عدم برداشت بنيادي مذهبي آزادي ۽ گڏيل اتحاد ۽ رواداري جهڙن قدرن کي ڪمزور ڪرڻ جو سبب آهي. اڄوڪو ڏينهن مسلمانن کي مذهبي تعصب ۽ تشدد جي واقعن خلاف تحفظ فراهم ڪرڻ جو عالمي احساس آهي. مهذب معاشرا عقيدن جي بنيادن تي انساني حقن ۾ فرق نٿا ڪن پر گڏيل احترام ۽ ايثار تي قائم هوندا آهن. هن چيو ته پاڪستان اسلامو فوبيا تي ٻڌل سموري طرز عمل ۽ ان جي سمورين شڪلين جي مذمت ڪري ٿو. اسلامي تعليم موجب ۽ عالمي قانونن جي نظر ۾ سمورا انساني برابري وارا حق رکن ٿا. دين اسلام سموري انسان ذات لاءِ هڪ امن جو پيغام آهي. اسلام کي انتهاپسند خيالن سان ڳنڍڻ سراسر لاعلمي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سمورن عالمي فورمن تي هميشه ذميواراڻي انداز ۾ اسلامو فوبيا خلاف آواز اٿاريو آهي ۽ آئنده به پاڪستان دنيا وچ ۾ مذهبي رواداري ۽ مسلمانن جي تحفظ واري احساس لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.











