پاڪستان اسلامو فوبيا جي تدارڪ لاءِ عالمي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد -15 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته پاڪستان اسلاموفوبيا جي تدارڪ لاءِ عالمي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. اسلامو فوبيا خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان سڄي دنيا جي مسلمانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيون ٿا ۽ مسلمانن خلاف تعصب، امتيازي سلوڪ، دشمني ۽ تشدد جي خاتمي لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا. …

اسلام آباد -15 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته پاڪستان اسلاموفوبيا جي تدارڪ لاءِ عالمي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. اسلامو فوبيا خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان سڄي دنيا جي مسلمانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيون ٿا ۽ مسلمانن خلاف تعصب، امتيازي سلوڪ، دشمني ۽ تشدد جي خاتمي لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا. اسلامو فوبيا خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي پرڏيهي آفيس پاران جاري پنهنجي پيغام ۾ نائب وزيراعظم  ۽ پرڏيهي وزير  چيو ته اسلامي تعاون تنظيم سان ويجهي سهڪار ذريعي پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ان تاريخي فيصلي ۾ اهم ڪرادار ادا ڪيو جنهن تحت 15 مارچ کي اسلاموفوبيا خلاف عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو. اهو قدم عالمي برادري پاران مذهبن، ثقافتن ۽ تهذيبن وچ ۾ هم آهنگي، برداشت ۽ پرامن گڏيل بقا کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هڪ ٻئي ٺهراءَ جي منظوري ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن جو مقصد اسلامو فوبيا جي تدارڪ لاءِ عالمي ڪوششن کي مضبوط بڻائڻ هو، جنهن ۾ گڏيل قومن جي هڪ خاص ايلچي جي مقرري  جي درخواست به شامل هئي. ان سلسلي ۾ اسان مئي 2025ع  ۾ اسلاموفوبيا خلاف گڏيل قومن جي خاص ايلچي جي مقرري جي آجيان ڪيون ٿا، اهڙي طرح مئي 2024ع ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي اسلاموفوبيا خلاف خاص ايلچي جي مقرري به ان چئلينج سان مربوط ۽ مستقل انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ وڌندڙ عالمي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. محمد اسحاق ڊار چيو ته تازن سالن ۾ اسلاموفوبيا ۾ ڳڻتي ۾ اضافو دنيا جي مختلف حصن ۾ نهايت افسوسناڪ واقعن جي صورت ۾ سامهون آيو آهي، جن ۾ قرآن مجيد جي بي حرمتي، حجاب پائڻ وارين عورتن تي حملا، مسجدن جي ڀڃ ڊاهه، مذهبي بنيادن تي سڃاڻپ ۽ عوامي ۽ ميڊيا بيانئي ۾ سرعام مسلمانن خلاف نفرت جو اظهار شامل آهي. اسلاموفوبيا موجوده ڇڪتاڻن ۽ تڪرارن کي وڌيڪ وڌائي ٿو ۽ هڪ اهڙو ناڪاري سلسلو پيدا ڪري ٿو جيڪو عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو.  هن چيو ته پاڪستان اسلامو فوبيا جي تدارڪ  لاءِ عالمي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. ان سلسلي ۾ اسان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن ۽ اسلامو فوبيا خلاف گڏيل قومن جي خاص ايلچي سان گڏجي گڏيل قومن جي هڪ منصوبئه عمل  جي تياري  تي ڪم  ڪري رهيا آهيون، جيڪو ان مسئلي کي بهتر طور تي سمجهڻ، روڪڻ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ هڪ منظم فريم ورڪ فراهم ڪندو. عالمي برادري کي گهرجي ته هو اسلامو فوبيا جي مذمت لاءِ گڏ ٿئي ۽ ان ساختياتي عمل جو به تدارڪ ڪري جيڪو ان کي هٿي ڏيڻ جو سبب بڻجي ٿو. پاڪستان سمورن ملڪن کان مطالبو ڪري ٿو ته هو معاشرن وچ ۾ گڏيل احترام، ڳالهين ۽ افهام و تفهيم کي هٿي ڏيڻ لاءِ مسلسل قدم کڻي ۽ برداشت، وقار ۽  گڏيل پرامن بقا جي قدرن کي برقرار رکي.

مزید خبریں