سڄي دنيا ۾ مسلمانن خلاف وڌندڙ تعصب کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل قدم کنيا وڃن: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد -15 مارچ (اي پي پي) اسلاموفوبيا خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته سڄي دنيا ۾ مسلمانن خلاف وڌندڙ نفرت، تعصب ۽ امتيازي روئين  جي تدارڪ لاءِ گڏيل قدم کنيا وڃن. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مختلف معاشرن ۾ اسلاموفوبيا جو تسلسل برابري، انساني وقار ۽ مذهبي آزادي جي انهن بنيادي …

اسلام آباد -15 مارچ (اي پي پي) اسلاموفوبيا خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته سڄي دنيا ۾ مسلمانن خلاف وڌندڙ نفرت، تعصب ۽ امتيازي روئين  جي تدارڪ لاءِ گڏيل قدم کنيا وڃن. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مختلف معاشرن ۾ اسلاموفوبيا جو تسلسل برابري، انساني وقار ۽ مذهبي آزادي جي انهن بنيادي اصولن کي نقصان پهچائي رهيو آهي جيڪي عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۾ داخل آهن. هن ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته دنيا جي مختلف خطن ۾ مسلمانن ۽ عبادتگاهن خلاف نفرت واريون تقريرون، امتيازي سلوڪ ۽ حملن جا واقعا سامهون اچي رهيا آهن جيڪي پرامن گڏيل بقا ۽ سماجي هم آهنگي لاءِ هڪ سنگين چئلينج آهن. سينيٽ چيئرمين  چيو ته اسلام هڪ اهڙو مذهب آهي جيڪو امن ۽ انصاف جي تعليم ڏئي ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته تهذيبن ۽ مذهبن وچ ۾ برداشت ۽ گڏيل احترام کي هٿي وٺائڻ عالمي استحڪام ۽ هم آهنگي  لاءِ اڻٽر آهي. هن حڪومتن، پارليامينٽن، عالمي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي تي زرو ڀريو ته مذهبي عدم برداشت جي خاتمي ۽ سمورين برادرين جي حقن ۽ آزادين جي تحفظ لاءِ اثرائتي قانونسازي، پاليسي ۽ اداره جاتي قدمن کي مضبوط بڻائين. سيد يوسف رضا گيلاني بين المذاهب هم آهنگي، سمورن مذهبن جي احترام ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پاڪسان جي اصولي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته  اسلاموفوبيا جو مقابلو ڪرڻ پوري عالمي برادري جي گڏيل ذميواري آهي.  هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته گڏيل تفهيم،  شموليت ۽ تنوع جي احترام کي هٿي وٺائڻ لاءِ اجتماعي ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هڪ وڌيڪ پرامن ۽ منصفاڻي دنيا جو بنياد رکي سگهجي.