اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ پاران مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت

لوڌران -15 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ، پاور اينڊ پبلڪ افيئرز بابت مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ لاءِ سندس گهر پهتو. وفاقي وزير عطاالله تارڙ سندس خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني به ڪئي. وفاقي وزير عطالله تارڙ  چيو ته والده جو لاڏاڻو وڏو سانحو آهي، …

لوڌران -15 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ، پاور اينڊ پبلڪ افيئرز بابت مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ لاءِ سندس گهر پهتو. وفاقي وزير عطاالله تارڙ سندس خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني به ڪئي. وفاقي وزير عطالله تارڙ  چيو ته والده جو لاڏاڻو وڏو سانحو آهي، ڪٽنب جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي. ان موقعي تي وزيراعظم جو ميڊيا ڪو آرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ به وفاقي وزير سان  گڏ هو.

مزید خبریں