سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي خيريت سان آهي: عباس عراقچي

تهران -15 مارچ (اي پي پي) ايارن جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي، ته سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي کي ڪو به مسئلو ناهي ۽ اهو خيريت سان آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پرڏيهي وزير جو اهو بيان آمريڪا پاران ان رپورٽ کان پوءِ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته سپريم ليڊر زخمي آهي.  جمعي ڏينهن آمريڪي دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ  چيو هو ته …

تهران -15 مارچ (اي پي پي) ايارن جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي، ته سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي کي ڪو به مسئلو ناهي ۽ اهو خيريت سان آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پرڏيهي وزير جو اهو بيان آمريڪا پاران ان رپورٽ کان پوءِ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته سپريم ليڊر زخمي آهي.  جمعي ڏينهن آمريڪي دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ  چيو هو ته کيس يقين آهي، ته ايران جي سپريم ليڊر جو جانشين ۽ ان جو پٽ مجتبيٰ خامنه اي جنگ جي شروع ۾ ئي زخمي ٿي پيو هو. پرڏيهي وزير عباس عراقچي ان باري ۾ چيو آهي، ته سپريم ليڊر خيريت سان آهي ۽ هو پنهنجون ذميواريون احسن طريقي سان نڀائي رهيو آهي، جيئن هو گذريل هفتي پنهنجو هڪ بيان به جاري ڪيو هو.