واشنگٽن -15 مارچ (اي پي پي) چين چيو آهي، ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪنداسين. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا ۾ مقرر چيني سفارتخاني جي ترجمان ليو پينگ يو چيو آهي ته چين وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. چين جي ترجمان چيو ته وچ اوڀر جي صورتحال تي چين جو موقف غيرجانبدار …
وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪنداسين: چين

مزید خبریں
واشنگٽن -15 مارچ (اي پي پي) چين چيو آهي، ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪنداسين. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا ۾ مقرر چيني سفارتخاني جي ترجمان ليو پينگ يو چيو آهي ته چين وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. چين جي ترجمان چيو ته وچ اوڀر جي صورتحال تي چين جو موقف غيرجانبدار آهي ۽ سمورين ڌرين کان مطالبو ڪيو پيو وڃي ته فوري طور تي فوجي ڪارروائيون بند ڪيون وڃن ته جيئن ڇڪتاڻ وڌيڪ نه وڌي ۽ تڪرار خطي جي ٻين حصن تائين نه ڦهلجي. هن چيو ته آبنائي هرمز ۽ ان جي ويجهو سامونڊي علائقا عالمي واپار ۽ توانائي جي رسد لاءِ انتهائي اهم رستو آهن، ان لاءِ خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ عالمي برادري جي گڏيل مفاد ۾ آهي. ترجامن موجب چين وچ اوڀر جي ملڪن جو مخلص دوست ۽ اسٽريٽجڪ حصيدار هئڻ جي ناطي، لاڳاپيل ڌرين ۽ تڪرار ۾ شامل ملڪن سان رابطا مضبوط بڻائيندو رهندو ته جيئن ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ امن جي بحالي ۾ مدد ملي سگهي.











