آمريڪا سان لاڳاپا حقيقت پسنداڻي تجزيي تي ٻڌل آهن: روس

ماسڪو -15 مارچ (اي پي پي) روس چيو آهي، ته آمريڪا  سان لاڳاپا حقيقت پسنداڻي تجزيي تي ٻڌل آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماريازا خاروفا چيو ته روس جا لاڳاپا آمريڪا سان حقيقت پسنداڻي تجزيي ۽ آمريڪي قدمن جي جائزه  تي ٻڌل آهن. هن چيو ته روس انهن سمورين ڌرين سان رابطي ۾ آهي جن سان هن کي عملي قومي مفادن جي نقطئه نظر سان …

ماسڪو -15 مارچ (اي پي پي) روس چيو آهي، ته آمريڪا  سان لاڳاپا حقيقت پسنداڻي تجزيي تي ٻڌل آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماريازا خاروفا چيو ته روس جا لاڳاپا آمريڪا سان حقيقت پسنداڻي تجزيي ۽ آمريڪي قدمن جي جائزه  تي ٻڌل آهن. هن چيو ته روس انهن سمورين ڌرين سان رابطي ۾ آهي جن سان هن کي عملي قومي مفادن جي نقطئه نظر سان رابطا ڪرڻ گهرجن. هن يوڪرين سان قيدين جي مٽاسٽا جو به ذڪر ڪندي چيو ته روس آمريڪي مدد جو به شڪريو ادا ڪيو آهي جنهن سان روسي فوجي پنهنجي وطن واپس موٽي سگهندا.