واشنگٽن -15 مارچ (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي، ته تيل جون قيمتون جيئن ئي معمول تي اينديون ته روسي تيل تي پابنديون بحال ڪنداسين. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافي کي نظر ۾ رکندي روسي تيل تي لاڳو ڪجهه پابندين ۾ عارضي نرمي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته قيمتون معمول تي ايندي …
تيل جون قيمتون معمول تي ايندي ئي روسي تيل تي پابنديون بحال ڪنداسين: آمريڪا

مزید خبریں
واشنگٽن -15 مارچ (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي، ته تيل جون قيمتون جيئن ئي معمول تي اينديون ته روسي تيل تي پابنديون بحال ڪنداسين. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافي کي نظر ۾ رکندي روسي تيل تي لاڳو ڪجهه پابندين ۾ عارضي نرمي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته قيمتون معمول تي ايندي ئي اهي پابنديون ٻيهر بحال ڪيون وينديون. آمريڪي صدر هڪ انٽرويو ۾ چيو ته دنيا کي تيل جي مسلسل فراهمي ضروري آهي ۽ موجوده بحران ختم ٿيڻ کان پوءِ روسي تيل بابت لاڳو پابنديون ٻيهر لڳايون وينديون. ان دوران آمريڪي ناڻي کاتي جي ماتحت اداري جي پرڏيهي اثاثن کي ڪنٽرول ڪندڙ آفس هڪ جنرل لائسنس جاري ڪيو آهي جنهن تحت 12 مارچ کان اڳ جهازن تي ڀريل روسي تيل ۽ پيٽروليم مصنوعات وڪري ۽ رسد لاءِ عارضي طور تي اجازت ڏني وئي آهي. پڌرائي موجب اها اجازت 11 اپريل تائين اثرائتي هوندي، جنهن کان پوءِ روسي تيل بابت پابندين جي ٻيهر لاڳو ٿيڻ جا امڪان آهن.










