اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق لڪي مروت ۾ پوليس گاڏي ويجهو بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڌماڪي ۾ شهادت ماڻيندڙ ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران لڪي مروت ۾ پوليس گاڏي ويجهو ڌماڪي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق لڪي مروت ۾ پوليس گاڏي ويجهو بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڌماڪي ۾ شهادت ماڻيندڙ ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته شهيدن جي ڪٽنبن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، بيان موجب اسپيڪر چيو ته خيبرپختونخوا پوليس جا بهادر آفيسر ۽ جوان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پهرين صف جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ خيبرپختونخوا پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو. اياز صادق چيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهادت ماڻيندڙ بهادر پٽن کي سڄي قوم سلام پيش ڪري ٿي.











