گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد

اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ هڪ اعلي سطحي اجلاس ٿيو. گهرو وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ امن امان ۽ شهري سهولتون بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا . اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته اسلام آباد جي 109 (انٽري پوائنٽس) داخلي هنڌن کي گهٽائي ڪري 25 تائين آندو ويندو …

اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ هڪ اعلي سطحي اجلاس ٿيو. گهرو وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ امن امان ۽ شهري سهولتون بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا . اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته اسلام آباد جي 109 (انٽري پوائنٽس) داخلي هنڌن کي گهٽائي ڪري 25 تائين آندو ويندو جڏهن ته ريڊ زون کي عملي طور فعال بڻائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا. گهرو وزير محسن نقوي ان سلسلي ۾ اثرائتي حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪندي چيو ته شهر جي داخلي هنڌن تي سخت نگراني سان سيڪيورٽي جا جوڳا اپاءَ اختيار ڪيا وڃن.وفاقي راڄڌاني ۾ امن امان کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو. گهرو وزير محسن نقوي شهر ۾ سهولتن ۽ خدمتن جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ واڌو قدمن جون هدايتون ڪندي چيو ته شهر جي صفائي سٿرائي ۽ حددخلين کي هٽائڻ جي ذميواري اي سيز تي هوندي. گهرو وزير شهر جي وڏين شاهرائن تان غير ضروري سامان کي فوري طور تي هٽائڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو ته انتظامي عملي کي شهر جي ترقي ۽ قانون جي عملداري لاءِ مڪمل حمايت ڪئي ويندي. چيف ڪمشنر اسلام آباد، آءِ جي پوليس اسلام آباد، ڊپٽي ڪمشنر، ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز، ايس پيز ۽ سمورن لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرن به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں