وفاقي وزير عبدالعليم خان پاران لڪي مروت ۾ پوليس جي گاڏي ويجهو ٿيل ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت

اسلام آباد-13 مارچ(اي پي پي)مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان لڪي مروت ۾ پوليس جي گاڏي ويجهو ٿيل ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته دشمن ملڪ وطن جو امن خراب ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهي. پاڪ فوج ۽ پوليس جي جوانن جون قربانيون ڪڏهن به ضايع نه وينديون. وفاقي وزير چيو ته ڌماڪي ۾ شهادت ماڻيندڙ ايس ايڇ او سميت …

اسلام آباد-13 مارچ(اي پي پي)مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان لڪي مروت ۾ پوليس جي گاڏي ويجهو ٿيل ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته دشمن ملڪ وطن جو امن خراب ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهي. پاڪ فوج ۽ پوليس جي جوانن جون قربانيون ڪڏهن به ضايع نه وينديون. وفاقي وزير چيو ته ڌماڪي ۾ شهادت ماڻيندڙ ايس ايڇ او سميت پوليس جي جوانن جي شهادت تي سخت صدمو پهتو آهي. هن دعا ڪئي ته الله پاڪ شهيدن جي وارثن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

مزید خبریں