نيپال ۾ پارلياماني چونڊن ۾ ڪاميابي تي سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي نيپال جي عوام ۽ قيادت کي دلي مبارڪون

اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني نيپال ۾ هاڻوڪيون پارلياماني چونڊون ڪاميابي سان منعقد ٿيڻ ۽ راشٽريه سواتنترا پارٽي(آر ايس پي) جي ڪاميابي تي نيپال جي عوام ۽ پارٽي قيادت کي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته آر ايس پي جي ڪاميابي نيپال جي عوام جي جمهوري قدرن تي اعتماد ۽ اهڙي نئين قيادت تي ڀروسي جو ثبوت آهي …

اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني نيپال ۾ هاڻوڪيون پارلياماني چونڊون ڪاميابي سان منعقد ٿيڻ ۽ راشٽريه سواتنترا پارٽي(آر ايس پي) جي ڪاميابي تي نيپال جي عوام ۽ پارٽي قيادت کي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته آر ايس پي جي ڪاميابي نيپال جي عوام جي جمهوري قدرن تي اعتماد ۽ اهڙي نئين قيادت تي ڀروسي جو ثبوت آهي جيڪا شفافيت، جوابدهي ۽ عوامي خدمت جي اصولن تي ڪاربند آهي. هن چيو ته بالندر شاهه هڪ نوجوان اڳواڻ طور سڌارن تي ٻڌل قيادت، جديد طرز حڪمراني ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي وابستگي ذريعي شهرين کي متاثر ڪيو آهي، خاص ڪري مقامي حڪومت ۽ شهري ترقي جي شعبن ۾ سندس ڪردار کي ساراهيو آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته جمهوري سياست ۾ نوجوان قيادت جو اڀرڻ ادارن جي استحڪام ۽ عوامي اميدن موجب حڪمراني کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ حوصلي واري نشاني آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته بالندرا شاهه جي قيادت ۾ آر ايس پي نيپال ۾ جمهوري استحڪام، سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ اداره جاتي مضبوطي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪندي. پاڪستان ۽ نيپال وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل احترام، گڏيل علائقائي مفادن ۽ علائقائي ۽ گهڻ رخي فورمز ۾ تعاون جي بنياد تي پراڻا دوستاڻا رابطا موجود آهن. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني رابطا ۽ عوامي سطح تي لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ هٿي وٺندا. سينيٽ چيئرمين نيپال جي عوام جي خوشحالي ۽ ملڪ ۾ جمهوري نظام جي وڌيڪ استحڪام لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں