سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان برطانوي هم منصب جي ملاقات، ٻه طرفي سهڪار جو جائزو ورتو ويو

رياض-13 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان رياض ۾ وزارت جي هيڊڪوارٽر ۾ برطانوي هم منصب ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ برطانيا وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۽ ٻه طرفي سهڪار جي شعبن جو جائزو ورتو ويو. علائقائي صورتحال ۽ ان جي حوالي سان گڏيل ڪوششن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ پرڏيهي وزارت جو سياسي معاملن …

رياض-13 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان رياض ۾ وزارت جي هيڊڪوارٽر ۾ برطانوي هم منصب ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ برطانيا وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۽ ٻه طرفي سهڪار جي شعبن جو جائزو ورتو ويو. علائقائي صورتحال ۽ ان جي حوالي سان گڏيل ڪوششن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ پرڏيهي وزارت جو سياسي معاملن بابت انڊر سيڪريٽري سعود الساطي به موجود هو.