ماسڪو-13 مارچ (اي پي پي)روس ڪيوبا تي آمريڪا جي اقتصادي ۽ سياسي دٻاءَ کي ناقابل قبول قرار ڏيندي هڪ ڀيرو ٻيهر ماسڪو جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف گذريل ڏينهن پنهنجي ڪيوبا جي هم منصب برونو روڊريگز پريلا سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران چئي. روس جي پرڏيهي وزير ڪيوبا جي عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو …
روس پاران ڪيوبا تي آمريڪي دٻاءَ جي مخالفت جو ورجاءُ

مزید خبریں
ماسڪو-13 مارچ (اي پي پي)روس ڪيوبا تي آمريڪا جي اقتصادي ۽ سياسي دٻاءَ کي ناقابل قبول قرار ڏيندي هڪ ڀيرو ٻيهر ماسڪو جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف گذريل ڏينهن پنهنجي ڪيوبا جي هم منصب برونو روڊريگز پريلا سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران چئي. روس جي پرڏيهي وزير ڪيوبا جي عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته روس رياستي خودمختياري جي دفاع ۽ پنهنجي ترقي جو رستو پاڻ چونڊڻ جي ڪيوبا جي ڪوششن جي مضبوط حمايت ڪري ٿو. ڳالهين دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻه طرفي سهڪار جي اهم معاملن، عالمي صورتحال ۽ روس-ڪيوبا بين الحڪومتي ڪميشن جي ايندڙ 23 هين اجلاس تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جيڪا واپار، معيشت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سهڪار بابت آهي.










