ايران ۽ يوڪرين جي صورتحال تي ڳالهين لاءِ يورپين ڪائونسل جو اجلاس 19 مارچ تي ٿيندو

برسلز-13 مارچ (اي پي پي)وچ اوڀر ۽ يوڪرين جي صورتحال تي ڳالهين لاءِ يورپي يونين جي ميمبر ملڪن جي مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن جو اجلاس 19 مارچ تي ٿيندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق يورپين ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوسٽاني چيو ته يورپي يونين جي ميمبر ملڪن جي مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن جو اجلاس 19 مارچ تي منعقد ٿيندو جنهن ۾ وچ اوڀر ۽ يوڪرين جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون وينديون. …

برسلز-13 مارچ (اي پي پي)وچ اوڀر ۽ يوڪرين جي صورتحال تي ڳالهين لاءِ يورپي يونين جي ميمبر ملڪن جي مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن جو اجلاس 19 مارچ تي ٿيندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق يورپين ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوسٽاني چيو ته يورپي يونين جي ميمبر ملڪن جي مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن جو اجلاس 19 مارچ تي منعقد ٿيندو جنهن ۾ وچ اوڀر ۽ يوڪرين جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون وينديون. هن دعوت نامي ۾ يورپي يونين جي ميمبر ملڪن کي 19 مارچ تي يورپي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. هن چيو ته ان اجلاس ۾ اسان ايران ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنداسين. اجلاس جي ايجنڊا ۾ يوڪرين، لبنان، غزه ۽ اولهندي ڪناري جي صورتحال تي ڳالهيون به شامل آهن. اجلاس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش، يورپين سينٽرل بئنڪ جي صدر ڪرسٽائن ليگرڊ ۽ يورو گروپ جي صدر ڪيرياڪوس پيراڪيڪس کي به دعوت ڏني وئي آهي.