نئين دهلي-13 مارچ (اي پي پي)ڀارت ۾ ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي ملڪ ۾ ”ايل پي جي“ جي وڌندڙ کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم نريندر مودي عوام کي چئي رهيو آهي ته هو پريشان نه ٿين. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق راهول گانڌي چيو ته وزيراعظم مودي ايپسٽين فائلز جي مسئلي ۽ آمريڪا جي اڊاني ڪيس سبب دهشت زده آهي. هن چيو ته وزيراعظم ايپسٽين فائلز سبب …
ڀارتي وزيراعظم ايپسٽين فائلز سبب ايوان ۾ اچڻ جي قابل ناهي رهيو: راهول گانڌي

مزید خبریں
نئين دهلي-13 مارچ (اي پي پي)ڀارت ۾ ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي ملڪ ۾ ”ايل پي جي“ جي وڌندڙ کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم نريندر مودي عوام کي چئي رهيو آهي ته هو پريشان نه ٿين. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق راهول گانڌي چيو ته وزيراعظم مودي ايپسٽين فائلز جي مسئلي ۽ آمريڪا جي اڊاني ڪيس سبب دهشت زده آهي. هن چيو ته وزيراعظم ايپسٽين فائلز سبب ايوان ۾ اچڻ جي قابل ناهي رهيو. ٻئي پاسي ڪانگريس جي صدر”ايڪس“ تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته جڏهن ملڪ شديد بحران جو شڪار آهي، وزيراعظم مودي چونڊ دورن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ گيس جي شديد کوٽ آهي، ماڻهو قطارن ۾ لڳل آهن، بي جي پي جي ناڪامي مختلف ننڍين وڏين صنعتن کي برداشت ڪرڻي پئجي رهي آهي پر حڪومت وٽ ڪو جواب ناهي، رڳو ڪوڙا واعدا آهن. هن چيو ته سفارتڪاري جي ناڪامي هڪ سنگين معاملو آهي، توانائي جي بدانتظامي جو نتيجو اڄ ملڪ جو 140 ڪروڙ ماڻهو ڀوڳي رهيو آهي.










