برسلز-13 مارچ (اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه ۽ ڪميشن جي نائب صدر ڪاجاڪيلس چيو آهي ته آمريڪا يورپ کي ورهائڻ چاهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن هڪ انٽرويو ۾ چيو ته آمريڪا يورپ کي ورهائڻ چاهي ٿو ۽ ان کي يورپي يونين پسند ناهي. هن چيو ته منهنجي خيال ۾ اهو سڀني لاءِ سمجهڻ اهم آهي ته آمريڪا واضح طور تي چيو آهي ته هو …
آمريڪا يورپ کي ورهائڻ چاهي ٿو: يورپي يونين

مزید خبریں
برسلز-13 مارچ (اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه ۽ ڪميشن جي نائب صدر ڪاجاڪيلس چيو آهي ته آمريڪا يورپ کي ورهائڻ چاهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن هڪ انٽرويو ۾ چيو ته آمريڪا يورپ کي ورهائڻ چاهي ٿو ۽ ان کي يورپي يونين پسند ناهي. هن چيو ته منهنجي خيال ۾ اهو سڀني لاءِ سمجهڻ اهم آهي ته آمريڪا واضح طور تي چيو آهي ته هو يورپ کي ورهائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته آمريڪا جو يورپي يونين سان رويو ان جي مخالفن جي ٽيڪنڪس سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. هن زور ڀريو ته يورپي ملڪن کي آمريڪا سان انفرادي سطح تي نه پر گڏيل طور تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. دفاع جي حوالي سان هن چيو ته يورپ کي آمريڪا کان خريداري جي ضرورت آهي ڇو جو اسان وٽ اهي وسيلا يا صلاحيتون ناهن جيڪي اسان کي گهرجن. هن چيو ته يورپ کي پنهنجي دفاعي صنعت ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي.










