چين ٻه نوان تجرباتي سيٽلائيٽس ڪاميابي سان خلا ۾ موڪلي ڇڏيا

بيجنگ-13 مارچ (اي پي پي) چين ٻه نوان تجرباتي سيٽلائيٽس ڪاميابي سان خلا ۾ موڪلي ڇڏيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق سيچوان صوبي ۾ واقع شي چانگ سيٽلائيٽ لانچ سينٽر تان 2 نوان تجرباتي سيٽلائيٽس ڪاميابي سان خلا ۾ ڪيريئر راڪيٽ ذريعي لانچ ڪيا ويا. ٻئي سيٽلائٽس ڪاميابي سان پنهنجي مقرر ڪيل مدار ۾ داخل ٿي ويا. ٻڌايو ويو آهي ته اهي سيٽلائيٽس بنيادي طورتي زمين جي مشاهدي بابت ٽيڪنالاجيز جي تجرباتي …

بيجنگ-13 مارچ (اي پي پي) چين ٻه نوان تجرباتي سيٽلائيٽس ڪاميابي سان خلا ۾ موڪلي ڇڏيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق سيچوان صوبي ۾ واقع شي چانگ سيٽلائيٽ لانچ سينٽر تان 2 نوان تجرباتي سيٽلائيٽس ڪاميابي سان خلا ۾ ڪيريئر راڪيٽ ذريعي لانچ ڪيا ويا. ٻئي سيٽلائٽس ڪاميابي سان پنهنجي مقرر ڪيل مدار ۾ داخل ٿي ويا. ٻڌايو ويو آهي ته اهي سيٽلائيٽس بنيادي طورتي زمين جي مشاهدي بابت ٽيڪنالاجيز جي تجرباتي جاچ لاءِ استعمال ڪيا ويندا. اهو لانچ لانگ مارچ سيريز جي راڪيٽس جو ”632 هون مشن“ هو.