سعودي عرب ۽ برطانيا پاران توانائي جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

رياض-13 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي توانائي واري وزير شهزاده عبدالعزيز بن سلمان سان رياض ۾ برطانوي پرڏيهي وزير، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن جي وزير ايويٽ ڪوپر ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات ۾ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفه سهڪار وڌائڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي وزيرن سعودي عرب ۽ برطانيا وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ ميمورنڊم آف ڪوآپريشن تحت مستقبل جي …

رياض-13 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي توانائي واري وزير شهزاده عبدالعزيز بن سلمان سان رياض ۾ برطانوي پرڏيهي وزير، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن جي وزير ايويٽ ڪوپر ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات ۾ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفه سهڪار وڌائڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي وزيرن سعودي عرب ۽ برطانيا وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ ميمورنڊم آف ڪوآپريشن تحت مستقبل جي موقعن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.