رياض-13 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير انجنيئر وليد بن عبدالڪريم الخريجي رياض ۾ وزارت جي هيڊڪوارٽر ۾ مملڪت ۾ يورپي ملڪن جي سفيرن سان ملاقات ڪئي ۽ خطي جي صورتحال تي موقف کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي عرب ۾ مقرر يورپي سفيرن علائقائي سلامتي ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ، سعودي ڌرتي جي تحفط ۽ سمورن حملن جو اثرائتي طريقي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ مملڪت …
سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير جي يورپي سفيرن سان ملاقات، خطي جي صورتحال بابت آگاهي

مزید خبریں
رياض-13 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير انجنيئر وليد بن عبدالڪريم الخريجي رياض ۾ وزارت جي هيڊڪوارٽر ۾ مملڪت ۾ يورپي ملڪن جي سفيرن سان ملاقات ڪئي ۽ خطي جي صورتحال تي موقف کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي عرب ۾ مقرر يورپي سفيرن علائقائي سلامتي ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ، سعودي ڌرتي جي تحفط ۽ سمورن حملن جو اثرائتي طريقي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ مملڪت جي ڪوششن جي تعريف ڪئي. هنن پنهنجن شهرين کي ڪڍڻ ۽ سندن وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ مملڪت طرفان مدد جي به تعريف ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزارت جو انڊر سيڪريٽري ڊاڪٽر سعود الساطي ۽ وزارت ۾ يورپي ملڪن جي ڊيپارٽمينٽ بابت ڊائريڪٽر جنرل عبدالرحمان الاحمد به موجود هئا.










