سوڊان ۾ سرحدي گذرگاهه تي ڊرون حملو، 13 شهري مارجي ويا

خرطوم-13 مارچ (اي پي پي) سوڊان ۽ چاڊ وچ ۾ واقع آدري سرحدي گذرگاهه تي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 13 شهري مارجي ويا جڏهن ته پنج زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق مقامي رضاڪار تنظيم الجنينه ايمرجنسي رومز ڪوآرڊينيشن ڪائونسل ٻڌايو ته هڪ ڊرون سرحدي گذرگاهه تي چار ميزائل فائر ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڻ جي خريد ۽ وڪرو سان لاڳاپيل ماڻهو نشانو بڻيا …

خرطوم-13 مارچ (اي پي پي) سوڊان ۽ چاڊ وچ ۾ واقع آدري سرحدي گذرگاهه تي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 13 شهري مارجي ويا جڏهن ته پنج زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق مقامي رضاڪار تنظيم الجنينه ايمرجنسي رومز ڪوآرڊينيشن ڪائونسل ٻڌايو ته هڪ ڊرون سرحدي گذرگاهه تي چار ميزائل فائر ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڻ جي خريد ۽ وڪرو سان لاڳاپيل ماڻهو نشانو بڻيا ۽ مارجي ويلن ۾ 5 عورتون به شامل آهن. تنظيم جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته حملي سبب سرحدي گذرگاهه تي قائم ٻارڻ جي مارڪيٽ مڪمل طور تباهه ٿي وئي جڏهن ته ڪيتريون ئي شهري گاڏيون تباهه ۽ وڏي مقدار ۾ خوراڪ سڙي رک ٿي وئي. ٻئي پاسي ريپڊ سپورٽ فورسز (آر ايس ايف) ان حملي جو الزام  سوڊاني هٿياربند فوج (ايس سي ايف) تي لڳائيندي چيو آهي ته ان جو مقصد دارفور جي علائقي تائين انساني امداد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ وجهڻ هو. آر ايس ايف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي ادارن کان فوري مداخلت جو مطالبو ڪيو.