برسلز-13 مارچ (اي پي پي) يورپي ڪميشن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن يورپي يونين ۽ آمريڪا وچ ۾ طئي ٿيل واپاري معاهدي جي ڪنهن به شق جي ڀڃڪڙي ٿي ته ان جو سخت جواب ڏنو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق يورپي ڪميشن جي نائب چيف ترجمان اولوف گل پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ڪميشن آمريڪا طرفان شروع ڪيل ”سيڪشن 301“ جي جاچ جي تفصيل جو جائزو وٺندي، اها جاچ 16 معاشي ادارن …
يورپي يونين پاران آمريڪي واپاري جاچ تي سخت رد عمل ڏيڻ جو اشارو

مزید خبریں
برسلز-13 مارچ (اي پي پي) يورپي ڪميشن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن يورپي يونين ۽ آمريڪا وچ ۾ طئي ٿيل واپاري معاهدي جي ڪنهن به شق جي ڀڃڪڙي ٿي ته ان جو سخت جواب ڏنو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق يورپي ڪميشن جي نائب چيف ترجمان اولوف گل پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ڪميشن آمريڪا طرفان شروع ڪيل ”سيڪشن 301“ جي جاچ جي تفصيل جو جائزو وٺندي، اها جاچ 16 معاشي ادارن خلاف شروع ڪئي وئي آهي جنهن ۾ يورپي يونين به شامل آهي. هن چيو ته يورپي ڪميشن ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته يورپي يونين جا مفاد مڪمل طور محفوظ رهن. ان سلسلي ۾ آمريڪا کان وڌيڪ وضاحت به طلب ڪئي ويندي ته سيڪشن 301 جي جاچ يورپي يونين ۽ آمريڪا جي گڏيل بيان تحت طئي ٿيل فريم ورڪ سان ڪهڙي طرح هڪجهڙائي رکي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن گڏيل بيان ۾ ڪيل واعدن جي ڀڃڪڙي ٿي ته ڪميشن ان جو سخت جواب ڏيندي.










