وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ، آسٽريليا پاران 762 ملين ليٽر ٻارڻ ذخيري مان جاري ڪرڻ جو اعلان

ڪينبرا-13 مارچ (اي پي پي) آسٽريليا جي توانائي واري وزير اعلان ڪيو آهي ته حڪومت وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار سبب پيدا ٿيندڙ امڪاني سپلائي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي ملڪي ذخيرن مان 762 ملين ليٽر تائين پيٽرول ۽ ڊيزل جاري ڪندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق توانائي واري وزير ڪرس بوون چيو ته حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل لاءِ 20 سيڪڙو تائين ٻارڻ جاري ڪرڻ جي اجازت ڏيندي ته جيئن سپلائي …

ڪينبرا-13 مارچ (اي پي پي) آسٽريليا جي توانائي واري وزير اعلان ڪيو آهي ته حڪومت وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار سبب پيدا ٿيندڙ امڪاني سپلائي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي ملڪي ذخيرن مان 762 ملين ليٽر تائين پيٽرول ۽ ڊيزل جاري ڪندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق توانائي واري وزير ڪرس بوون چيو ته حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل لاءِ 20 سيڪڙو تائين ٻارڻ جاري ڪرڻ جي اجازت ڏيندي ته جيئن سپلائي چين ۾ امڪاني رنڊڪ کي ختم ڪري سگهجي. ان فيصلي تحت ڊيزل جي قومي گهٽ ۾ گهٽ ذخيري کي 2.7 ارب ليٽر مان گهٽائي 2.2 ارب ليٽر جڏهن ته پيٽرول جي ذخيري کي 1 ارب ليٽر مان گهٽائي 700 ملين ليٽر تائين ڪيو ويندو. ڪرس بوون مطابق اهي قدم انٽرنيشنل انرجي ايجنسي طرفان ميمبر ملڪن کي ٻارڻ جا ذخيرا جاري ڪرڻ جي درخواست جي جواب ۾ کنيا پيا وڃن. هن جو چوڻ هو ته ان سان ٻارڻ فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي پنهنجي سپلائي چين کي وڌيڪ لچڪدار طريقي سان منظم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، پر اهو ٻارڻ فوري طور مارڪيٽ ۾ جاري نه ڪيو ويندو. توانائي واري وزير چيو ته هن وقت آسٽرليا ۾ ٻارڻ جي فراهمي محفوظ آهي ۽ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ باوجود جهاز معمول مطابق ملڪ پهچي رهيا آهن، پر جيڪڏهن تڪرار ڊگهو ٿيو ته مستقبل ۾ سپلائي متاثر ٿيڻ جو خدشو موجود آهي.