سعودي عرب جي تاريخي مسجد جي بحالي، تبوڪ ريجن ۾ جامع مسجد ضباءِ جي نئين سر تعمير مڪمل

 رياض - 13 مارچ(اي پي پي)سعودي عرب تاريخي مسجد ۽ ان جي تعميري لينڊ مارڪس جي تحفظ لاءِ پرنس محمد بن سلمان پراجيڪٽ جي ٻي مرحلي تحت تبوڪ ريجن جي علائقي ضباءِ جي جامع مسجد جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جو ڪم مڪمل ڪرايو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا مطابق مسجد جي پهرين تعمير سال هجري 1373 ۾ ڪئي وئي هئي. تاريخي حوالن مطابق مسجد جي تاريخ بابت ٻڌايو ويو آهي ته اتي سامونڊي علائقو هجڻ سبب سامونڊي سفر …

 رياض – 13 مارچ(اي پي پي)سعودي عرب تاريخي مسجد ۽ ان جي تعميري لينڊ مارڪس جي تحفظ لاءِ پرنس محمد بن سلمان پراجيڪٽ جي ٻي مرحلي تحت تبوڪ ريجن جي علائقي ضباءِ جي جامع مسجد جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جو ڪم مڪمل ڪرايو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا مطابق مسجد جي پهرين تعمير سال هجري 1373 ۾ ڪئي وئي هئي. تاريخي حوالن مطابق مسجد جي تاريخ بابت ٻڌايو ويو آهي ته اتي سامونڊي علائقو هجڻ سبب سامونڊي سفر سان لاڳاپيل ماڻهو پنهنجي سفر کان موٽڻ بعد هتي گڏ ٿيندا هئا. قبيله العريني جي هڪ شخص مسجد جو بنياد  وڌو ۽ پٿرن سان ان جو احاطو ٺاهيو. ان کان پوءِ ٻيو ڀيرو عبدالله بن سليم جيڪو السنوسي جي لقب سان مشهور هو. ان کي سال هجري 1373 ۾ تعمير ڪرايو . مسجد جي ٽين تعمير شاهه عبدالعزيز بن عبدالرحمان جي خرچ تي ڪئي وئي ۽ چوٿين توسيع ۽  نئين سر تعمير جو ڪم فهد بن عبدالعزيز جي دور ۾ مڪمل ٿيو . ان وقت کان هاڻي تائين هتي باقاعده پنج وقت جي نماز ادا ڪئي ويندي آهي. پرنس محمد بن سلمان پراجيڪٽ تحت ضبا جي ان قديم ۽ تاريخي مسجد جي  نئين سر تعمير  ڪئي وئي . مسجد جي مجموعي ايراضي  947.88 چورس ميٽرن کان وڌي 972.23 چورس ميٽرز جڏهن ته نمازين جي گنجائش 750 کان وڌي 779 تائين ٿي وئي آهي. مسجد جي تعمير ۾ قدرتي مواد جهڙوڪ پٿر، گارو ۽ بهه استعمال ڪيو ويو جيڪو ڳاڙهي سمنڊ جي روايتي فن تعمير جو  حصو آهي. مسجد جون دريون ۽ دروازا علائقائي ڪاٺ کي استعمال ڪري ٺاهييا ويا آهن.