آسٽريليا ۾ اي بائيڪ ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا اجل جو شڪار، هڪ سخت زخمي

ڪينبرا - 13مارچ(اي پي پي)آسٽريليا جي ڪوئينز لينڊ واري علائقي ۾ اي بائيڪ ۽ موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ هڪ نينگر ۽ نينگري اجل جو شڪار ۽ هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڪوئنزلينڊ جي پوليس سروس مطابق اهو حادثو گذريل رات اٽڪل 9 وڳي برسبين جي ڏکڻ ۾ واقع علائقي گرين بينڪ ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن موٽر سائيڪل سوار هڪ گاڏي کي اوور ٽيڪ ڪري رهيو هو ۽ ان دوران سامهون ايندڙ اي بائيڪ سان ٽڪرائجي …

ڪينبرا – 13مارچ(اي پي پي)آسٽريليا جي ڪوئينز لينڊ واري علائقي ۾ اي بائيڪ ۽ موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ هڪ نينگر ۽ نينگري اجل جو شڪار ۽ هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڪوئنزلينڊ جي پوليس سروس مطابق اهو حادثو گذريل رات اٽڪل 9 وڳي برسبين جي ڏکڻ ۾ واقع علائقي گرين بينڪ ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن موٽر سائيڪل سوار هڪ گاڏي کي اوور ٽيڪ ڪري رهيو هو ۽ ان دوران سامهون ايندڙ اي بائيڪ سان ٽڪرائجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ اي بائيڪ تي سوار هڪ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري موقعي تي فوت ٿي ويا. حادثي ۾ موٽر سائيڪل سوار شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر سندس حالت بهتر ٻڌائي پئي وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي اطلاع مطابق حادثي جي وقت اي بائيڪ جي هيڊ لائٽس روشن نه هئي . واضع رهي ته ان کان اڳ مارچ جي شروعات ۾ ڪوئنزلينڊ ۾ اي موبيلٽي سيفٽي جي حوالي سان هڪ پارلياماني جاچ ڪميٽي سفارش ڪئي هئي ته 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن تي اي بائيڪ ۽ اي اسڪوٽر تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي.