رياض _ 13 مارچ (اي پي پي)سعودي ڊيٽا اينڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس اٿارتي (سدايا) جي صدر ڊاڪٽر عبدالله شرف الغامدي جده جي ڪنگ عبدالعزيز انٽر نيشنل ايئر پورٽ جو دورو ڪيو ۽ ڊجيٽل سسٽمز ۽ اي گيٽ آپريشنز جو معائنو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان موقعي تي سدايا ۾ نيشنل انفارميشن سينٽر جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عصام الوقيت ۽ ٻيا اعليٰ عهديدار به موجود هئا. سدايا جي صدر کي ايئر پورٽ تي اميگريشن لاءِ نصب …
سعودي عرب جي سدايا جي صدر پاران جده ايئر پورٽ جو دورو، اي گيٽ آپريشنز جو جائزو
رياض _ 13 مارچ (اي پي پي)سعودي ڊيٽا اينڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس اٿارتي (سدايا) جي صدر ڊاڪٽر عبدالله شرف الغامدي جده جي ڪنگ عبدالعزيز انٽر نيشنل ايئر پورٽ جو دورو ڪيو ۽ ڊجيٽل سسٽمز ۽ اي گيٽ آپريشنز جو معائنو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان موقعي تي سدايا ۾ نيشنل انفارميشن سينٽر جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عصام الوقيت ۽ ٻيا اعليٰ عهديدار به موجود هئا. سدايا جي صدر کي ايئر پورٽ تي اميگريشن لاءِ نصب اي گيٽ سسٽم جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو جنهن جو مقصد عمره زائرين کي اميگريشن جي جديد ترين سهولت فراهم ڪرڻ آهي. سدايا طرفان مملڪت جي ايئر پورٽس ۽ ٻين سرحدي چوڪين تي اميگريشن جي جديد سهولت جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته جيئن عمره زائرين ۽ حاجين کي بهترين خدمتون فراهم ڪري سگهجن . واضع رهي ته سدايا طرفان جده جي ڪنگ عبدالعزيز انٽر نيشنل ايئر پورٽ تي 70 اي گيٽس ۽ 6 انٽرنيشنل ٽرمينلز تي 636 اسٽيشن جون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن جن جي ذريعي عمره زائرين کي اميگريشن جون فوري خدمتون فراهم ڪيون پيون وڃن. سدايا جي ودف سان گڏ جده ايئر پورٽس ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽر جو چيئرمين انجنيئر رائد المدييم، سي اي او انجنيئر مازن جور، ڊائريڪٽر جوازات ايئر پورٽ ڪرنل مادرالمسعود به موجود هو.











