وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي سرڪاري دوري بعد وطن واپس پهچي ويو

 لاهور-13 مارچ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي سرڪاري دوري بعد وطن واپس پهچي ويو. دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير به موجود …

 لاهور-13 مارچ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي سرڪاري دوري بعد وطن واپس پهچي ويو. دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير به موجود هئا. ملاقات ۾ وزيراعطم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان لاءِ سعودي عرب جي ڊگهي مدي واري حمايت  کي ساراهيو ۽ انهن ڏکين حالتن ۾ سعودي عرب سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي ۽ ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي سربراهن وچ ۾ خطي ۾ تازي اڳڀرائي تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ٿي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل طور ڪم جاري رکيو ويندو. ان کان پوءِ وطن واپسي لاءِ جده جي عالمي هوائي اڏي جي رائل ٽرمينل تي مڪه ريجن جي ڊپٽي گورنر پرنس سعود بن مشعل بن عبدالعزيز، سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق، جده ۾ مقرر پاڪستان جي قونصل جنرل سيد مصطفيٰ رباني ۽ ٻئي سفارتي عملي وزيراعظم کي الوداع ڪيو.

مزید خبریں