وزير اعظم محمد شهباز شريف پاران لڪي مروت ۾ پوليس جي گاڏي ويجهو ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت

لاهور-13 مارچ(اي پي پي)وزير اعظم محمد شهباز شريف لڪي مروت ۾ پوليس جي گاڏي ويجهو ٿيل دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيد ايس ايڇ او ۽ پوليس جي جوانن جي مغفرت ۽ وارثن جي صبر لاءِ دعا ڪئي. وزير اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مطابق وزير اعظم زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي چيو ته پوليس اهلڪارن ۽ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون هرگز …

لاهور-13 مارچ(اي پي پي)وزير اعظم محمد شهباز شريف لڪي مروت ۾ پوليس جي گاڏي ويجهو ٿيل دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيد ايس ايڇ او ۽ پوليس جي جوانن جي مغفرت ۽ وارثن جي صبر لاءِ دعا ڪئي. وزير اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مطابق وزير اعظم زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي چيو ته پوليس اهلڪارن ۽ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون هرگز ضايع نه وينديون. وزير اعظم ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پنهنجي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں