وچ اوڀر جي جنگ لکين ٻارن لاءِ تباھي جو سبب بڻجي چڪي آھي: يونيسيف

نيويارڪ - 12 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آھي ته وچ اوڀر ۾ جاري جنگ خطي جي لکين ٻارن لاءِ تباھي جو سبب بڻجي چڪي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھا ڳالھه گڏيل قومن جي ٻارن بابت اداري (يونيسيف) پنھنجي ھڪ بيان ۾ چئي. يونيسيف چيو ته 28 فيبروري تي ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي پھرين حملي جي شروع کان ھن وقت تائين 1100 کان وڌيڪ ٻار فوت …

نيويارڪ – 12 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آھي ته وچ اوڀر ۾ جاري جنگ خطي جي لکين ٻارن لاءِ تباھي جو سبب بڻجي چڪي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھا ڳالھه گڏيل قومن جي ٻارن بابت اداري (يونيسيف) پنھنجي ھڪ بيان ۾ چئي. يونيسيف چيو ته 28 فيبروري تي ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي پھرين حملي جي شروع کان ھن وقت تائين 1100 کان وڌيڪ ٻار فوت يا زخمي ٿي چڪا آھن، ان ۾ 200 ٻار ايران، 91 ٻار لبنان، 4 ٻار اسرائيل ۽ ھڪ ٻار ڪويت ۾ مارجي ويو، ٻارن کي مارڻ، معذور ڪرڻ، انھن جي سھولتن کي تباھه ڪرڻ يا ان ۾ خلل وجھڻ جو ڪو جواز ناھي. بيان ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش کي اپيل ڪئي وئي ته جنگ روڪرائڻ ۽ سفارتي ڳالھيون شروع ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري. پڌارئي ۾ ڌرين تي به زور ڀريو ويو ته شھرين کي گھٽ ۾ گھٽ نقصان پھچائڻ لاءِ جنگ جي ذريعن ۽ طريقن جي چونڊ ۾ ضروري احتياط ڪن خاص طور ڌماڪو ڪندڙ ھٿيارن جي استعمال کان پاسو ڪن، جيڪي ٻارن کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪن ٿا.