مسقط-12 مارچ(اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پيزشڪيان عمان جي سلطان هيثم بن طارق کي ٽيليفون ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سلطان هيثم ڳالهائڻ دوران پنهنجي سرزمين تي ٿيل مسلسل ڪارروائين جي مذمت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عمان پنهنجي امن استحڪام جي تحفظ لاءِ سمورا ضروري قدمن کڻندو. اهو رابطو ايران طرفان صلاله بندرگاهه تي ٻارڻ جي ٽينڪن کي نشانو بڻائڻ جي ڪجهه ڪلاڪن بعد ٿيو. …
ايران جي صدر جو عمان جي سلطان سان ٽيليفونڪ رابطو
مسقط-12 مارچ(اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پيزشڪيان عمان جي سلطان هيثم بن طارق کي ٽيليفون ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سلطان هيثم ڳالهائڻ دوران پنهنجي سرزمين تي ٿيل مسلسل ڪارروائين جي مذمت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عمان پنهنجي امن استحڪام جي تحفظ لاءِ سمورا ضروري قدمن کڻندو. اهو رابطو ايران طرفان صلاله بندرگاهه تي ٻارڻ جي ٽينڪن کي نشانو بڻائڻ جي ڪجهه ڪلاڪن بعد ٿيو. ان دوران قطر جي فضائي دفاعي نظام ڪيترائي ڊرونز ڪيرايا. جنهن ۾ ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو. ايران جي ميڊيا رپورٽ ڪيو آهي ته صدر پيزشڪيان عمان جي سلطان کي صلاله بندرگاهه جي واقعي جي جاچ ڪرائڻ جو يقين ڏياريو آهي. ٻئي پاسي ايجنسي ٻڌايو ته سلطان هيثم بن طارق مسعود پيزشڪيان سان ڳالهين ۾ عمان جي سلطان جي غير جاندراڻي موقف جو ورجاءُ ڪيو . ٻنهي اڳواڻن ڇڪتاڻ روڪڻ ۽ خطي کي جنگ جي اثرن کان بچائڻ لاءِ ڳالهيون ۽ سفارتڪاري کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.











