رياض - 12 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب سال 2026 کي مصنوعي ذهانت جو سال قرار ڏنو آهي. هي قدم تيز ي سان ٿيندڙ فني تبديلين کي ظاهر ڪري ٿو ۽ هڪ اهڙي حڪمت عملي جو حصو آهي جنهن جو مقصد سعودي ويزن 2030ع جي هدف مطابق مملڪت کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل معيشت جو عالمي مرڪز بڻائڻ آهي. اهو فيصلو ڊيٽا ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ منصوبابندي جي …
سعودي عرب سال 2026 کي مصنوعي ذهانت جو سال قرار ڏئي ڇڏيو
رياض – 12 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب سال 2026 کي مصنوعي ذهانت جو سال قرار ڏنو آهي. هي قدم تيز ي سان ٿيندڙ فني تبديلين کي ظاهر ڪري ٿو ۽ هڪ اهڙي حڪمت عملي جو حصو آهي جنهن جو مقصد سعودي ويزن 2030ع جي هدف مطابق مملڪت کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل معيشت جو عالمي مرڪز بڻائڻ آهي. اهو فيصلو ڊيٽا ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ منصوبابندي جي مرحلي کان عملي جامو پهرائڻ جي مرحلي ڏانهن منتقلي جي تصديق ڪري ٿو. هي مرحلو قومي پاليسين، سيڙپڪاري ۽ جديد ٽيڪنالاجي انفراسٽرڪچر تي ٻڌل هڪ مربوط نظام ذريعي ممڪن ٿيندو. اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڪجهه سالن ۾ مملڪت عالمي سطح تي مصنوعي ذهانت ۾ احم حيثيت حاصل ڪئي آهي. مملڪت عالمي مصنوعي ذهانت انڊيڪس 2025ع ۾ 14 هين نمبر تي رهي آهي. ساڳئي طرح، سعودي عرب ذهانت ماڊلز ۽ ٽيڪنالاجي جدت جي ترقي ۾ عرب دنيا ۾ پنهنجي اڳواڻي واري حيثيت برقرار رکي آهي. اها ترقي ان شعبي ۾ وڌندڙ سيڙپڪاري کي ظاهر ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته مملڪت ۾ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين پاران سيڙپڪاري 9.1 بلين ڊالرن کان وڌي وئي آهي. 2024 ع دوران اڀرندڙ ٽيڪنالاجي تي سرڪاري خرچ ۾ 56 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.











