رياض-12 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان عراق جي وزيراعظم محمد شياع السوڊاني ٽيليفون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب رابطي دوران خطي ۾ فوجي ڇڪتاڻ، سيڪيورٽي ۽ استحڪام تي ان جي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان انڊونيشيا جي صدر به ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ خطي …
سعودي ولي عهد سان عراق جي وزيراعظم جو ٽيليفونڪ رابطو، خطي جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
رياض-12 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان عراق جي وزيراعظم محمد شياع السوڊاني ٽيليفون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب رابطي دوران خطي ۾ فوجي ڇڪتاڻ، سيڪيورٽي ۽ استحڪام تي ان جي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان انڊونيشيا جي صدر به ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ خطي جي صورتحال، فوجي ڇڪتاڻ، علائقائي عالمي سلامتي ۽ استحڪام تي ان جي سنگين اثرن جو جائزو ورتو ويو.











