ڄمون-12 مارچ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ نيشنل ڪانفرنس جو سربراهه ۽ اڳوڻو وزيراعليٰ فاروق عبدالله هڪ قاتلاڻي حملي ۾ ذري تان بچي ويو آهي. شادي جي هڪ تقريب دوران اڻڄاتل هٿياربند شخص مٿس گولي هلائي. اهو واقعو ڀارت طرفان والاريل علائقي ۾ مقامي سياستدانن کي فراهم ڪيل ناقص سيڪيورٽي جو واضح ثبوت آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب 88 سالن جو فاروق عبدالله …
والاريل ڄمون ڪشمير ۾ فاروق عبدالله تي قاتلاڻو حملو، ذري تان بچي ويو
ڄمون-12 مارچ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ نيشنل ڪانفرنس جو سربراهه ۽ اڳوڻو وزيراعليٰ فاروق عبدالله هڪ قاتلاڻي حملي ۾ ذري تان بچي ويو آهي. شادي جي هڪ تقريب دوران اڻڄاتل هٿياربند شخص مٿس گولي هلائي. اهو واقعو ڀارت طرفان والاريل علائقي ۾ مقامي سياستدانن کي فراهم ڪيل ناقص سيڪيورٽي جو واضح ثبوت آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب 88 سالن جو فاروق عبدالله ڄمون جي علائقي گريٽر ڪيلاش ۾ شادي جي تقريب ۾ شريڪ هو ته پستول سان ليس هڪ شخص سندس ويجهو اچي گولي هلائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پر گولي نشاني تي نه لڳي. اختيارين اعتراف ڪيو آهي ته اهو حملو حياتي وڃائيندڙ به ٿي سگهي پئي، حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ ڪمل سنگهه جموال طور تي ٿي آهي جنهن کي واقعي واري هنڌ تان پستول سميت حراست ۾ ورتو ويو ۽ ان کان جاچ جو عمل جاري آهي. حملي آور انڪشاف ڪيو آهي ته هو فاروق عبدالله تي حملو ڪرڻ جو موقعو گذريل 20 سالن کان ڳولي رهيو هو. هو نيشنل ڪانفرنس جي صدر جي ميزباني ڪندڙ خاندان جو رشتيدار ٻڌايو پيو وڃي. والاريل ڄمون ڪشمير جي وزيراعليٰ ۽ فاروق عبدالله جي پٽ عمر عبدالله واقعي تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي سوال ڪيو ته حملو ڪندڙ زيڊ پلس سيڪيورٽي ڪور جي ايترو ويجهو پهچڻ ۾ ڪيئن ڪامياب ٿي ويو.











