جنيوا-12 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي 61هين اجلاس جي سلسلي ۾ منعقد هڪ تقريب جي مقررن گڏيل قومن جي خصوصي نمائندن کي والاريل ڄمون ڪشمير جي علائقي مني پور ۽ ڀارت جي ٻين ويڙهه سٽيل علائقن تائين رسائي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جتي انساني ۽ مذهبي حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارت ۾ مذهبي تعصب جي …
جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل جو اجلاس، والاريل ڄمون ڪشمير، مني پور ۽ ڀارت جي ٻين ويڙهه سٽيل علائقن تائين پهچ جو مطالبو
جنيوا-12 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي 61هين اجلاس جي سلسلي ۾ منعقد هڪ تقريب جي مقررن گڏيل قومن جي خصوصي نمائندن کي والاريل ڄمون ڪشمير جي علائقي مني پور ۽ ڀارت جي ٻين ويڙهه سٽيل علائقن تائين رسائي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جتي انساني ۽ مذهبي حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارت ۾ مذهبي تعصب جي عنوان سان سيمينار ورلڊ مسلم ڪانگريس ڪشمير انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل رليشنز جي تعاون سان منعقد ڪيو ويو هو جنهن ۾ انساني حقن جي مشهور نمائندن، قانوني ماهرن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي هئي. مقررن چيو ته دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوري ملڪ هجڻ جي دعويدار ڀارت ۾ مذهبي اقليتن خلاف وڏي پئماني تي تعصب جاري آهي ۽ ملڪ ۾ فرقيواريت تشدد جا وڏا واقعا هڪ منظم ۽ مسلسل رجحان جي ترجماني ڪن ٿا. هن چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير کان مني پور تائين مذهبي اقليتن خلاف منظم تعصب ۽ سندن حق تباهه هجڻ جو هڪ حيران ڪن سلسلو جاري آهي، مني پور ۾ اٽڪل 200 گرجاگهرن کي باهه ڏني وئي جڏهن ته اتي سيڪيورٽي فورسز موجود هيون، اهڙي طرح مختلف رياستن ۾ مسلمانن جي گهرن ۽ ٻين ملڪيتن کي بلڊوز ۽ اتان جي ماڻهن کي قتل ڪيو پيو وڃي. سندن چوڻ هو ته شهريت ترميمي ايڪٽ (سي اي اي) ذريعي لکين مسلمانن جي ملڪ مان نيڪالي جو رستو هموار ڪيو ويو. هن چيو ته 2015ع کان هن وقت تائين ڳئون جي تحفظ جي نالي تي قتل جا هڪ سئو کان وڌيڪ واقعا ٿيا آهن، پر ڪنهن به جوابدار کي اڄ تائين سزا ناهي ملي. مقررن واريل ڄمون جي خراب صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته ڀارت آگسٽ 2019ع ۾ شق 370 جي هڪطرفي طور رد ڪرڻ کانپوءِ 18 مهينن تائين مسلسل انٽرنيٽ بند ڪري رکيو جيڪو ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ سڀ کان ڊگهو ترين ڊجيٽل ڪريڪ ڊائون طور تي شمار ٿئي ٿو. علائقي ۾ جامع مسجد سرينگر کي اڪثر سيل ڪري ڪشميري مسلمانن کي هتي جمعي جي نماز ۽ عيد جي نماز ادا نه پئي ڪرڻ ڏني وڃي. ڀارت علائقي جي ڊوميسائيل قانون ۾ به تبديلي آندي آهي جنهن جو واحد مقصد والاريل علائقي ۾ ڀارتي هندن کي آبادي ڪري اتان جي مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي.











