ايران خلاف جنگ جو ڪو به جواز ۽ قانوني حيثيت ناهي، ان جي جاري رهڻ سان نقصان ٿيندو: چين

گڏيل قومون-12 مارچ (اي پي پي) چين چيو آهي ته خطي جي صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائڻ جو بنيادي طريقو اهو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل فوري طور تي پنهنجون فوجي ڪارروايون بند ڪن. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي فوڪونگ سلامتي ڪائونسل ۾ ايران بابت قرارداد تي ووٽنگ جي وضاحت ڪندي چئي. هن چيو ته نار جي علائقي ۾ تيزي سان …

گڏيل قومون-12 مارچ (اي پي پي) چين چيو آهي ته خطي جي صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائڻ جو بنيادي طريقو اهو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل فوري طور تي پنهنجون فوجي ڪارروايون بند ڪن. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي فوڪونگ سلامتي ڪائونسل ۾ ايران بابت قرارداد تي ووٽنگ جي وضاحت ڪندي چئي. هن چيو ته نار جي علائقي ۾ تيزي سان بگڙجندڙ صورتحال تي چين کي شديد ڳڻتي آهي ڇاڪاڻ ته ان سان سڄو وچ اوڀر خطرناڪ بحران ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي اجازت کانسواءِ ۽ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڳالهين دوران، آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي فوجي حملا ڪيا جيڪي گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ عالمي لاڳاپن جي بنيادي ضابطن جي واضح ڀڃڪڙي آهن. هن چيو ته ان جنگ جي شروعات جو ڪو به جواز ۽ قانوني حثيت ناهي ۽ ان جي جاري رهڻ سان فائدو ناهي، نقصان ئي ٿيندو. هن چيو ته نار عرب ملڪن جي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سلامتي جو مڪمل احترام هجڻ گهرجي.  ان حوالي سان چين نار عرب ملڪن تي حملن جي حمايت نٿو ڪري ۽ بي گناهه شهرين ۽ غير فوجي هدفن تي ٿيل هر قسم جي حملن جي مذمت ڪري ٿو. چين چيو ته هو نار عرب ملڪن جي پنهنجي قومي سلامتي جي تحفظ واري جائز مطالبن جي حمايت ڪري ٿو ۽ سندن صبر کي ساراهي ٿو. چين بحرين طرفان نار تعاون ڪائونسل ۽ اردن جي نمائندگي ڪندي پيش ڪيل قرارداد کي به اهم قرار ڏنو، پر چيني نمائندي چيو ته ان قرارادد ۾ جنگ جي بنيادي سببن ۽ مڪمل صورتحال کي متوازن انداز ۾ پيش ناهي ڪيو ويو ۽ چين جي تجويزن کي مناسب طور تي شامل ناهي ڪيو ويو، ان ڪري چين ووٽنگ ۾ حصو وٺڻ کان پاسو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.  هن چيو ته جنگ رهڻ يا ان جي پکيڙ ڪنهن به ڌر جي مفاد ۾ ناهي، ان لاءِ چين هڪ ڀيرو ٻيهر فوري جنگ بندي ۽ فوجي ڪاررواين جي خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي ته جيئن ڇڪتاڻ وڌيڪ نه وڌي ۽ جنگ ٻين علائقن تائين نه پکڙجي.