واشنگٽن -12 مارچ (اي پي پي) آمريڪا جو مالي سال 2026ع دوران وفاقي بجيٽ خسارو 1.9 کرب ڊالرن تائين ٿيڻ جو امڪان آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ڪانگريس جي بجيٽ آفيس سال 2026 ع کان سال 2036 ع تائين جي بجيٽ ۽ اقتصادي منظر نامي جو اعلان ڪيو آهي. امڪان آهي ته مالي سال 2026ع جي وفاقي بجيٽ جو خسارو 1.9 کرب ڊالرز ٿيندو ۽ سال 2036ع تائين اهو 3.1 کرب …
آمريڪا جو مالي سال 2026ع دوران وفاقي بجيٽ خسارو 1.9 کرب ڊالرن تائين پهچڻ جو امڪان
واشنگٽن -12 مارچ (اي پي پي) آمريڪا جو مالي سال 2026ع دوران وفاقي بجيٽ خسارو 1.9 کرب ڊالرن تائين ٿيڻ جو امڪان آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ڪانگريس جي بجيٽ آفيس سال 2026 ع کان سال 2036 ع تائين جي بجيٽ ۽ اقتصادي منظر نامي جو اعلان ڪيو آهي. امڪان آهي ته مالي سال 2026ع جي وفاقي بجيٽ جو خسارو 1.9 کرب ڊالرز ٿيندو ۽ سال 2036ع تائين اهو 3.1 کرب ڊالرن تائين پهچي ويندو. معيشت جي ڳاڻيٽي جي لحاظ کان سال 2026 ع جو خسارو ملڪي مجموعي پيداوار جو 5.8 سيڪڙو آهي جڏهن ته سال 2036 ع تائين اهو وڌي 6.7 سيڪڙو ٿي ويندو جيڪو گذريل 50 سالن جي سراسري 3.8 سيڪڙو خساري کان وڌيڪ آهي. نج وياج جي لاڳت ۾ اضافو خساري ۾ اضافي جو بنيادي سبب آهي.











