پاڪستان پاران شام جي ڪيميائي ھٿيارن جي ڪنوينشن تي عملدرآمد واري عزم جي آجيان

گڏيل قومون - 11 مارچ (اي پي پي) پاڪستان شام جي ڪجھه حصن ۾ پرڏيھي فوجي قبضي، فضائي حملن ۽ دھشتگردي کي منھن ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آھي ته جيئن ملڪ ۾ ڪيميائي ھٿيارن بابت مسئلن جي حل لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري سگھجي. اھا ڳالھه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ چئي. ھن چيو ته دھشتگردي جو خطرو …

گڏيل قومون – 11 مارچ (اي پي پي) پاڪستان شام جي ڪجھه حصن ۾ پرڏيھي فوجي قبضي، فضائي حملن ۽ دھشتگردي کي منھن ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آھي ته جيئن ملڪ ۾ ڪيميائي ھٿيارن بابت مسئلن جي حل لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري سگھجي. اھا ڳالھه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ چئي. ھن چيو ته دھشتگردي جو خطرو ۽ پرڏيھي ويڙھاڪن جي موجودگي شام جي سلامتي لاءِ وڏو چيلنج آھي ۽ ان سان ڪيميائي ھٿيارن جي روڪٿام جي تنظيم (او پي سي ڊبليو) جي تصديقي سرگرمين تي به اثر پوندو. پاڪستاني نمائندي شام جي اختيارين جي ان عزم کي ساراھيو ته ھو مڪمل طور ڪيميائي ھٿيارن جي ڪنوينشن (سي ڊبليو سي) تي عمل ڪندا ۽ شڪي ڪيميائي ھٿيارن جي ھنڌن کي محفوظ بڻائڻ ۽ باقي مسئلا حل ڪرڻ ۾ سھڪار جاري رکندا. ھن چيو ته او پي سي ڊبليو جي ٽيڪنيڪل سيڪريٽريٽ کي آزاداڻي تصديق جو عمل جاري رکڻ جي اجازت ڏيڻ گھرجي ته جيئن شام ۾ موجود شڪي ڪيميائي ھٿيارن ۽ ان جي پکيڙ جي خطرن کي ختم ڪري سگھجي. ھن چيو ته شام جي اختيارين جي صلاحيتن ۾ اضافو او پي سي ڊبليو جو نالو خاص طور اعلان، جاچ، جائزي ۽ تصديق کي تيز ڪندو. پاڪستاني نمائندي اميد ظاھر ڪئي ته ٽيڪنيڪل سيڪريٽريٽ ۽ شام جي اختيارين وچ ۾ مسلسل رابطن سان سمورا مسئلا جلد حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ھن شام جي وحدت، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي ڀرپور حمايت جو اظھار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ مفاھمت، بحالي، امن ۽ استحڪام لاءِ اھم موقعا پيدا ٿي چڪا آھن، جن کي جامع سياسي عمل ۽ عالمي سھڪار ذريعي عملي اڳڀرائي ۾ تبديل ڪرڻ ضروري آھي. او پي سي ڊبليو جي تازي رپورٽ مطابق شام ۾ اعلان ڪيل 26 ھنڌن کان علاوه معلومات مان ظاھر ٿئي ٿو ته 100 کان وڌيڪ ٻيا ھنڌ به اڳوڻي حڪومت جي ڪيميائي ھٿيارن بابت سرگرمين ۾ شامل ٿي سگھن ٿا، جن جو معائنو ڪرڻ جو منصوبو آھي. 2025ع ۾ او پي سي ڊبليو جي ٽيمن جي دورن مان حاصل ٿيندڙ معلومات مطابق گھٽ ۾ گھٽ ٻه ھنڌ اھڙا آھن، جيڪي ڪيميائي ھٿيارن جي ڪنوينشن تحت قابل اعلان ٿي سگھن ٿا. جڏھن ته خطي ۾ جاري تڪرار سبب وڌيڪ دورا ھن وقت روڪيا ويا آھن.