پيانگ يانگ-11 مارچ (اي پي پي) اتر ڪوريا ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي فوجي ڪارروائين جي شديد مذمت ڪندي چيو ته ان سان خطي ۽ دنيا ۾ عدم استحڪام ۾ اضافو ٿي رهيو آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب اتر ڪوريا جي پرڏيهي وزارت موجب آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران تي ڪيل غير قانوني فوجي حملا خطي جي امن ۽ سلامتي جي بنيادن کي نقصان پهچائي رهيا آهن. ترجمان موجب …
اتر ڪوريا پاران آمريڪا ۽ اسرائيل جون ايران خلاف ڪارروائيون مذمت جوڳيون قرار
پيانگ يانگ-11 مارچ (اي پي پي) اتر ڪوريا ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي فوجي ڪارروائين جي شديد مذمت ڪندي چيو ته ان سان خطي ۽ دنيا ۾ عدم استحڪام ۾ اضافو ٿي رهيو آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب اتر ڪوريا جي پرڏيهي وزارت موجب آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران تي ڪيل غير قانوني فوجي حملا خطي جي امن ۽ سلامتي جي بنيادن کي نقصان پهچائي رهيا آهن. ترجمان موجب اتر ڪوريا کي ان صورتحال تي شديد ڳڻتي آهي، هو ان قدمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، جيڪي خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اتر ڪوريا ايراني عوام جي ان حق جو احترام ڪري ٿو ته هو پنهنجو سپريم ليڊر پاڻ چونڊين، اهو بيان ايران جي مجلس خبرگان پاران نئين سپريم ليڊر جي چونڊ لاءِ تازي اعلان ۾ ڪيو ويو.











