پيانگ يانگ - 11 مارچ (اي پي پي) اتر ڪوريا پنھنجي اولھه سمنڊ ويجھو اسٽريٽيجڪ ڪروز ميزائلن جو تجربو ڪيو، جنھن پنھنجي ھدف کي ڪاميابي سان نشاڻو بڻايو. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھو اسٽريٽيجڪ ڪروز ميزائل ڪورين پيپلز آرمي جي ھڪ جنگي سامونڊي جھاز (ڊسٽرائرچوئي ھيون) مان فائر ڪيو ويو، جيڪو ملڪ جي اولھه سمنڊ ويجھو سمنڊ جي مٿان کان ٿيندي ويجھو ٻيٽ تي قائم ھدف کي نشاڻو بڻائڻ ۾ ڪامياب …
اتر ڪوريا پاران اسٽريٽيجڪ ڪروز ميزائلن جو تجربو، ھدف کي ڪاميابي سان نشاڻو بڻايو
پيانگ يانگ – 11 مارچ (اي پي پي) اتر ڪوريا پنھنجي اولھه سمنڊ ويجھو اسٽريٽيجڪ ڪروز ميزائلن جو تجربو ڪيو، جنھن پنھنجي ھدف کي ڪاميابي سان نشاڻو بڻايو. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھو اسٽريٽيجڪ ڪروز ميزائل ڪورين پيپلز آرمي جي ھڪ جنگي سامونڊي جھاز (ڊسٽرائرچوئي ھيون) مان فائر ڪيو ويو، جيڪو ملڪ جي اولھه سمنڊ ويجھو سمنڊ جي مٿان کان ٿيندي ويجھو ٻيٽ تي قائم ھدف کي نشاڻو بڻائڻ ۾ ڪامياب رھيو. اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان اھا ڪارروائي ٽي وي تي سڌيءَ ريت ڏٺي. اھو تجربو جديد جنگي جھاز جي عملي ڪارڪردگي جانچڻ جي سلسلي جو حصو ھو.











