جي سيون ملڪن جي اڳواڻن جو اجلاس، وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ

اوٽاوا-11 مارچ (اي پي پي) اسريل معيشتن تي ٻڌل گروپ جي - سيون جي اڳواڻن گڏيل تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي .عالمي موجب فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون جي صدارت هيٺ جي -سيون اڳواڻن جي اجلاس ۾ وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . ايمانويل ميڪرون ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني سان وچ اوڀر ۾ جاري جنگ ۽ ان جي عالمي …

اوٽاوا-11 مارچ (اي پي پي) اسريل معيشتن تي ٻڌل گروپ جي – سيون جي اڳواڻن گڏيل تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي .عالمي موجب فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون جي صدارت هيٺ جي -سيون اڳواڻن جي اجلاس ۾ وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . ايمانويل ميڪرون ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني سان وچ اوڀر ۾ جاري جنگ ۽ ان جي عالمي معيشت تي اثرن جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. مارڪ ڪارني جي آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو ته ٻنهي اڳواڻن جي – سيون حصيدارن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو . ان کان اڳ جي – 7 ملڪن چيو ته هو ايران سان گڏ مريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ بعد تيل جي قيمتن ۾ اضافي کانپوءِ توانائي جي عالمي فراهمي ۾ مدد لاءِ ضروري قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي جڏهن ته گروپ جي پرڏيهي وزيرن ۽ عالمي  توانائي ايجنسي(IEA) جي اجلاس ۾ ڪچي تيل جي اسٽريٽجڪ ذخيرن کي جاري ڪرڻ جي معاهدي کي حتمي شڪل نه ڏني وڃي . ورچوئل اجلاس ۾ آءِ اي اي جي سربراهه فتح بيرول چيو ته آبنائي هرمز ذريعي چرپر جي چئليجز کانسواءِ تيل جي پيداوار ڪافي حد تائين گهٽتائي ڪئي وئي آهي ان سان مارڪيٽ لاءِ اهم ۽ وڌندڙ خطرا پيدا ٿي رهيا آهن. هن چيو ته آءِ اي اي جي ميمبر ملڪن وٽ هن وقت هنگامي تيل جو 1.2 بلين بيرل کان وڌيڪ ذخيرو موجود آهي. جنهن ۾ وڌيڪ 600 ملين بيرل صنعتي اسٽاڪ جي صورت ۾ حڪومتي ذميواري تحت رکيا ويا آهن. اجلاس کانپوءِ فرانس جي پرڏيهي وزير رولينڊ ليسڪور چيو ته اڃان اهڙي صورتحال پيدا ناهي ٿي ته تيل جو هنگامي اسٽاڪ جاري ڪيو وڃي. جڏهن ته اهي ذخيرا جاري ڪيا وڃن ٿا ته اهي 2022 کانپوءِ روس جي يوڪرين تي مڪمل حملي کانپوءِ پهريون ڀيرو ائين ٿيندو. واضح رهي ته جي – سيون گروپ ڪينيڊا ، فرانس ، جرمني ، اٽلي، جاپان ، برطانيا، آمريڪا ۽ يورپي يونين تي ٻڌل آهي.